English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: آچار سالار ڳوٺ ڀرسان شهيد ناظم جوکيو جو ڀاءُ کي اغوا جي ڪوشش، ڳوٺاڻن پاران مزاحمت
views
|
27th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
جوابدار امجد سالار کي مبينا اغوا ڪيو، ڳوٺاڻن جي نڪرڻ تي کيس تشدد بعد گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان ڦٽو ڪري فرار
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) آچار سالار ڳوٺ ڀرسان شهيد ناظم جوکيو جو ڀاءُ امجد سالار نامعلوم ماڻهن هٿان مبينا طور اغوا، ڳوٺاڻا گهرن مان نڪري پيا، امجد سالار تي بدترين تشدد بعد گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان ڦٽو ڪري ويا امجد سالار تي بدترين تشدد ٿيل آهي وارثن جون دانهون، واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون تفصيل موجب ملير جي آچار سالار ڳوٺ مان شهيد ناظم جوکيو جي ڀاءُ امجد سالار کي نامعلوم ماڻهن مبينا طور اغوا ڪري ورتو ،اطلاع تي وڏي تعداد م ڳوٺاڻا گهرن مان نڪري آيا جنهن م عورتن جو وڏو تعداد شامل ہو جن ڌاٻيجي لڳ قومي شاهراه تي پهچي احتجاج ڪندي ڌرڻو ھڻي چيو تہ سخت غربت آھي رف عمل سبب اغوا ڪار امجد سالار کي بدترين تشدد بعد گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا ان سلسلي ۾ افضل جوکيو صحافين کي ٻڌايو ته؛ امجد سالار تي بدترين تشدد ٿيل هو هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڳوٺ جي ٻاهران راند کيڏندڙ ٻارڙن کي سرڪاري نمبر پليٽ لڳل ريوو گاڏي تي سوار ماڻهن دڙڪا داٻا ڏئي ڀڄائي ڇڏيو، ٻارڙن جڏهن اسان کي ٻڌايو ته اسان اتي پهتاسين ته هٿياربندن منهنجي ڀاءُ امجد کي اغوا ڪري کڻي ويا ۽ بدترين تشدد جو نشانو بڻائي گهگهر ڦاٽڪ ڀرسان ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، اسان اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي پهچي اطلاع ڏنو ٻي طرف ڳوٺاڻا اسٽي تي نڪري پيا واقعي جي جاچ ڪرائي وڃي رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او اسٽيل ٽائون ٻڌايو ته ڳوٺاڻا ٿاڻي تي پهتا هئا هن وقت امجد کي ڇڏيو ويو آهي واقعي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سندھ
نعتیہ اشعار دلوں میں عشق مصطفی کا جذبہ پیدا کرتے ہیں، گورنر سندھ
03rd Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
سنڌي سرسنگيت جو مٺڙو آواز فوزيه سومرو
03rd Sep 2025
•
کھیل
آئی سی سی کی نئی رینکنگ، سکندر رضا نمبر ون آل راؤنڈر بن گئے
04th Sep 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڌرتي ڌڻين جو تعليم حق: سنڌي ٻولي، تعليم ۽ جديد دور جون ضرورتون
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
جھمپير جي صحافي جي ڀاءُ جي گهر مان لکين رپين جي چوري
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مورو ٿاڻي جي حد ۾ ڦر دوران مزاحمت تي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو قتل، سندس معصوم پٽ زخمي
04th Sep 2025
•
سنڌي خبرون
مظلوم طبقن جي حقن لاءِ ڄمي بيٺا رھو، سنڌ ۽ ملڪ جو عوام اوھان سان گڏ آھي: اياز لطيف پليجو جو سردار اختر مينگل سان فون تي رابطي ۾ اظهار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
آچار سالار ڳوٺ
شهيد ناظم جوکيو
0 تبصرے