راڌا ڀيل مذهب مٽائي محمد حسن ملاح سان عدالت ۾ پرڻو ڪري ڇڏيو
سجاول (رپورٽر) ميرپور خاص واسي ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ هندو ناري سجاول پهچي مدرسه دار الفيوض الهاشميه ۾ اسلام قبول ڪرڻ بعد سجاول واسي نوجوان سان پسند جي شادي ڪري ڇڏي، ميرپورخاص واسي ڀيل برادري سان تعلق رکندڙ هندو ناري راڌو ڀيل سجاول شهر پهچي مدرسه دار الفيوض الهاشميه ۾ پنهنجو هندو مذهب مٽائي اسلام قبول ڪري ورتو جنهن بعد راڌو ڀيل جو اسلامي نالو رضيه شيخ رکيو ويو آھي بعد ۾ ناري جاتي شهر جي ڳوٺ عارب کٽي واسي نوجوان محمد حسن ملاح سان سجاول جي عدالت ۾ حق نڪاح ڪري پسند جي شادي ڪري ڇڏي، پسند جي شادي ڪندڙ جوڙو سورج سجاولي پريس ڪلب پهچي ناري رضيه شيخ صحافين اڳيان ڳالهائيندي چيو ته مون کي نه ڪنهن اغوا ڪيو آهي ۽ نه ئي ڪنهن ورغلايو آهي مون پنهنجي مرضي مطابق رضا خوشي سان پنهنجو مذهب مٽائي اسلام قبول ڪيو آهي هاڻي منهنجو اسلامي نالو رضيه شيخ رکيو ويو آهي اسلام قبول ڪرڻ کان پوءِ مون محمد حسن ملاح سان سجاول جي عدالت ۾ حق نڪاح ڪيو آهي. جنهن بعد منهنجا مائٽ هيم راج، بابوڀيل، ڪانجي ڀيل، نويد ڀيل ۽ ٻيا منهنجي مڙس محمد حسن ملاح تي اغوا جا ڪوڙا ڪيس ڪرايا آھن ۽ اسان جي جان جا ويري بنجي ويا آھن، هنن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي سجاول ۽ ٻين وسوارن کان گهر ڪئي ته منهنجي مڙس تي ڪوڙا ڪيس ختم ڪياوڃن ۽ اسان کي تحفظ ڏنووڃي.
0 تبصرے