English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھي صرف درياءَ تي ڌاڙو ناھي، ھي سنڌ جي وجود ۽ بقا تي، سنڌين جي حال ۽ مستقبل تي بدترين حملو آھي: اياز لطيف پليجو
views
|
14th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
قوم، وطن ۽ وسيلا سدائين اقتدار، پارٽين ۽ فردن کان وڌيڪ اھم ھوندا آھن پنھنجي قوم سان گڏ بيھو تہ بھتر ٿيندو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ آصف زرداري پنهنجي بادشاھت قائم رکڻ جي عيوض سنڌو درياھ سميت سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو آھي تہ سنڌ مان جيڪو کپي اھو وٺو بس اسان کي رڳو اقتدار ڏيو ۽ منهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻايو اياز لطيف پليجي چيو تہ ھي صرف درياءَ تي ڌاڙو ناھي، ھي ڪينال سنڌ جي وجود ۽ بقا تي، سنڌين جي حال ۽ مستقبل تي بدترين حملو آھي. قوم، وطن ۽ وسيلا سدائين اقتدار، پارٽين ۽ فردن کان وڌيڪ اھم ھوندا آھن پنھنجي قوم سان گڏ بيھو تہ بھتر ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن کي ڪرپٽ ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ آھن. ملڪ ۽ قومون شفافيت سان ترقي ڪن ٿيون. ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري انھن کي جيل موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن بہ ڪرپٽ وزير کي گرفتار ڪري سزا ناھي ڏني وئي، جنھنڪري پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي اعلي پوسٽون ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جيڪي ڪامورا پئسا ڏئي مقرر ٿين ٿا، اھي عوام جي دولت تي اچي ڌاڙا ھڻن ٿا. ڪنھن بہ آفيس ۾ عوام جو ميرٽ تحت ڪم نٿو ٿئي. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿو. عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. ميرٽ، قانون، آئين جون ڌڄيون اڏايون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت اقتداري مصلحت تحت 17 سالن کان سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي کي سنڌ لٽڻ لاءِ ڏني وئي آھي ۽ ان جي بدلي ۾ سنڌ جي وسيلن تي وفاق ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. ڪرپشن ۽ سنڌ دشمنيءَ جو اھو ملڪ دشمن سلسلو بند ڪيو وڃي. ميرٽ ۽ شفافيت کي قائم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
07th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مقصد قيامِ امام حسين عليه السلام...!!
07th Jul 2025
•
شوبز
’اسکوئڈ گیم‘ کے تیسرے سیزن نے تہلکہ مچا دیا، تین دن میں عالمی ریکارڈ قائم کر دیا
07th Jul 2025
•
شوبز
”عزت دو، عزت لو“ نادیہ خان کے بیان پر زرنش کا ردعمل
07th Jul 2025
•
شوبز
ڈرامہ انڈسٹری خواتین کے لیے غیر محفوظ ہے، لڑکیاں ذہنی طور پر تیار رہیں اور بچاؤ کے طریقے سیکھیں: ریحام رفیق
07th Jul 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مقصد قيامِ امام حسين عليه السلام...!!
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ملير: سيمينٽ فيڪٽري وٽ سيڪيورٽي گارڊ جي فائرنگ ۾ مبينا ڦورو مارجي ويو
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
ٺٽو ويجهو 4 ڄڻن پاران نينگر سان مبينا اجتماعي بدفعلي جو انڪشاف
07th Jul 2025
•
سنڌي خبرون
خانپور ويجهو ڳوٺ حبل سيٺار ۾ سيٺار برادريءَ جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ تڪرار جي خاتمي لاء ميڙ منٿ قافلو پهتو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے