English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ھي صرف درياءَ تي ڌاڙو ناھي، ھي سنڌ جي وجود ۽ بقا تي، سنڌين جي حال ۽ مستقبل تي بدترين حملو آھي: اياز لطيف پليجو
7 views
|
14th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
قوم، وطن ۽ وسيلا سدائين اقتدار، پارٽين ۽ فردن کان وڌيڪ اھم ھوندا آھن پنھنجي قوم سان گڏ بيھو تہ بھتر ٿيندو
حيدرآباد (بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ آصف زرداري پنهنجي بادشاھت قائم رکڻ جي عيوض سنڌو درياھ سميت سنڌ جي وسيلن جو سودو ڪيو آھي تہ سنڌ مان جيڪو کپي اھو وٺو بس اسان کي رڳو اقتدار ڏيو ۽ منهنجي پٽ بلاول ڀٽو زرداري کي وزير اعظم بڻايو اياز لطيف پليجي چيو تہ ھي صرف درياءَ تي ڌاڙو ناھي، ھي ڪينال سنڌ جي وجود ۽ بقا تي، سنڌين جي حال ۽ مستقبل تي بدترين حملو آھي. قوم، وطن ۽ وسيلا سدائين اقتدار، پارٽين ۽ فردن کان وڌيڪ اھم ھوندا آھن پنھنجي قوم سان گڏ بيھو تہ بھتر ٿيندو. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپشن ملڪي معيشت جو ٻيڙو غرق ڪري ڇڏيو آھي. نيب، ايف آئي اي ۽ اينٽي ڪرپشن کي ڪرپٽ ماڻھن جي ڪنٽرول ۾ آھن. ملڪ ۽ قومون شفافيت سان ترقي ڪن ٿيون. ڪرپٽ وزيرن ۽ ڪامورن کي گرفتار ڪري انھن کي جيل موڪليو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ملڪي تاريخ ۾ ڪنھن بہ ڪرپٽ وزير کي گرفتار ڪري سزا ناھي ڏني وئي، جنھنڪري پٽيوالي جي نوڪري کان وٺي اعلي پوسٽون ڪروڙين روپين ۾ وڪرو ٿين ٿيون. جيڪي ڪامورا پئسا ڏئي مقرر ٿين ٿا، اھي عوام جي دولت تي اچي ڌاڙا ھڻن ٿا. ڪنھن بہ آفيس ۾ عوام جو ميرٽ تحت ڪم نٿو ٿئي. ترقياتي ڪمن جا ٺيڪا وڪامن ٿا ۽ پوءِ ناقص ڪم ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وڃي ٿو، اھڙي صورتحال ۾ سنڌ ۽ ملڪ ڪيئن ترقي ڪري سگھي ٿو. عوام جي حقن تي ڌاڙا ھنيا وڃن ٿا. ميرٽ، قانون، آئين جون ڌڄيون اڏايون وڃن ٿيون. اياز لطيف پليجي چيو تہ وفاقي حڪومت اقتداري مصلحت تحت 17 سالن کان سنڌ کي ڪرپشن جي ڪالوني بنائي ڇڏيو آھي. پيپلز پارٽي کي سنڌ لٽڻ لاءِ ڏني وئي آھي ۽ ان جي بدلي ۾ سنڌ جي وسيلن تي وفاق ڌاڙا ھڻي رھيو آھي. ڪرپشن ۽ سنڌ دشمنيءَ جو اھو ملڪ دشمن سلسلو بند ڪيو وڃي. ميرٽ ۽ شفافيت کي قائم ڪيو وڃي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
11th Dec 2025
•
تازہ ترین
ترک ایرو اسپیس دفاعی وفد کا پاکستان انجینئرنگ کونسل کا دورہ
11th Dec 2025
•
دنیا
15 سال بعد بالی وڈ: ’تھری ایڈیٹس 2‘ کی کہانی اور شوٹنگ کی تیاری مکمل
11th Dec 2025
•
پاکستان
چترال: امریکی شکاری نے 2 لاکھ 43 ہزار ڈالر میں کشمیر مارخور کا کامیاب شکار کیا
11th Dec 2025
•
پاکستان
پنجاب: شادی سے ایک دن قبل لڑکی کو گھر والوں نے قتل کر دیا
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڏوڪري ۾ گهرن ۽ زرعي زمين تي بااثر ماڻھن جو،قبضو ختم ڪرايو وڃي: ڊاڪٽر علي اصغر
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
ڊي سي ٺٽو پاران ميرپورساڪرو اسپتال جي ايم ايس جي تعريف
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ کلي ڪچهري، صوبائي وزير شاهينا شير علي آڏو ماڻهن شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا
11th Dec 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌيو سجاڳ ٿيو پنهنجي نياڻين ۽ ٻارن کي پني به پڙھايو: اياز لطيف پليجو
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
قومي عوامي تحريڪ
0 تبصرے