سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايران تي حملن ۽ آيت الله خامنا اي جي شهادت واقعي خلاف مظاهرا ڪيا واي، خيرپور، ٺارو شاهه، فريد آباد، سيتا روڊ، راڄو خاناڻي، فقير آباد، ٿرڙي محبت ۾ ريليون ڪڍيون ويون، گهارو ۾ايران تي حملن ۽ سپريم ليڊر آيت الله خامنا اي جي شهادت واري واقعي خلاف مڪمل شٽربند هڙتال ڪئي وئي، نوابشاهه ۽ ٺري ميرواهه ۾ وڪيلن پاران احتجاج ڪيو ويو، ايران تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن جي مذمت ڪئي وئي، ان سلسلي ۾ فريدآباد ۾ ايران تي حملن ۽ ڪراچي ۾ پرامن احتجاجين مٿان گوليون ھلائي 10 کان وڌيڪ ماڻهن کي شھيد ڪرڻ واري عمل خلاف فريدآباد ۽ ڀرپاسي جي شھرين سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سجاد چانڊيو، محمد حسين چانڊيو، حاجي خان چانڊيو ديدار چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ فريدآباد، ڇنڊڻ موري،سيدپور سميت ننڍن وڏن ڳوٺن ۾ احتجاجي مظاهرا ڌرڻا ،آمريڪا اسرائيل ۽ ان جي حامين خلاف سخت نعريبازي.آمريڪا اسرائيل جي جارحيت جو عالمي برادري کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل. ٻي طرف گهارو ۾ ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت ۽ ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملي خلاف مختلف تنظيمن تنظيمن جي سڏ تي گهاري شهر ۾ مڪمل شٽر بند هڙتال ڪئي ويئ، شيعا علماء ڪائونسل,ايم ڊبليو ايم,ايس يو پي,جسقم سميت مختلف تنظيمن جي سڏ تي گهاري شهر جا سمورا ڪاروباري مرڪز,دڪان ۽ پئٽرول پمپ مڪمل طور بند آهن, اڳواڻن جو چوڻ هو ته آمريڪا ۽ اسرائيل عالمي قانونن جي خلاف ورزي ڪندي ايران تي حملو ڪري آيت الله خامنه اي جهڙي عظيم شخصيت کي شهيد ڪري ظلم ڪيو آهي، هوڏانهن اسرائيل پاران ايران تي ڪيل بمباري ۽ ايراني سپريم ليڊر آيت اللہ علي خامنائي جي شھادت خلاف ٺري ميرواہ ۾ بہ وڪيلن پاران بار روم آڏو احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري ۾ وڪيل ساجد حسين شر ،وڪيل حاجي غلام نبي شر وڪيل ذاڪر حسين لغاري مظفر شر ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري اسرائيل ۽ آمريڪا خلاف سخت ناري بازي ڪئي وڪيلن جو چوڻ ھيو تہ اسرائيل ۽ آمريڪا ملي ڪري ھڪ مسلمان ملڪ ايران کي ٽارگيٽ بڻائي رھيا آھن ٻين مسلمان ملڪن جي خاموشي دنيا جي لاء سواليہ نشان بڻجي وئي آھي وڪيلن پاران عالمي ادارن کان مطالبو ڪيو آھي تہ فوري طور ايران مٿان ڪيل بمباري روڪي وڃي سيتاروڊ ۾ آمريڪا اسرائيل جي جارحيت ايران مٿان بيگناھ مڙهيل جنگ، سپريم ليڊر علي خامنائي جي شهادت خلاف سيتاروڊ ۾ مختلف مڪتبئه فڪر جي ماڻهن احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي۔ گلستان منگي، اسد علي چانڊيو، منٺار علي چانڊيو جي اڳواڻي ۾ مظاهرين شهر جي ٻاهرين ريلوي ڦاٽڪ کان احتجاجي ريلي ڪڍي اندرين ڦاٽڪ چونڪ پهتا، جتي وڏي جلوس جي شڪل اختيار ڪرڻ بعد شهر جي مختلف رستن جو گشت ڪيو۔ اڳواڻن مڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته آمريڪا دنيا کي جنگ ڏانهن ڌڪي رهيو آهي۔ آمريڪا مسلمانن جو بيگناھ قتل عام ڪري رهيو آهي۔ ايران مٿان مڙهيل جنگ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا۔ خيرپور ۾ ايران ۾ ٿيل آمريڪي ۽ اسرائيلي حملي ۽ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي جي شهادت واري واقعي خلاف شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي زولاجي شعبي جي شاگردن طرفان شعبي آڏو سخت احتجاج ڪيو ويو. ان موقعي تي شاگردن زولاجي شعبي کان ريلي ڪڍي يونيورسٽي جي مختلف رستن کان ٿيندي احتجاجي مظاهرو ڪيو، جتي آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي. احتجاج جي اڳواڻي مهدي حسن راڄپر، عاشق حسين بليدي، صدام حسين، اعجاز حسين، باقر علي، ڪريم خاصخيلي ۽ ٻين شاگرد اڳواڻن ڪئي. ان موقعي تي خطاب ڪندي شاگرد اڳواڻن چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جي گڏيل حملن ۾ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي کي شهيد ڪرڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ عالمي امن لاءِ خطرو آهي. هنن چيو ته اهڙيون ڪارروايون مسلمان امت جي جذبات کي سخت مجروح ڪن ٿيون ۽ عالمي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي آهن. شاگردن وڌيڪ چيو ته اسان ايران جي مظلوم عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪريون ٿا ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهڙين جارحاڻين ڪاررواين جو نوٽيس وٺي ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن چيو ته يونيورسٽي جا شاگرد هر قسم جي ظلم ۽ زيادتي خلاف آواز اٿاريندا رهندا. ٺاروشاھ ۾ ايران ۾ امريڪي ۽ ااسرائيل جاريت ۽ سپريم ليڊير آيت الله خامنائي جي شهادت جي خلاف اڄ ٻئي ڏينهن به ٺاروشاھ ۾ جسم جسقم اڳواڻن ۽ جئي سنڌ محاذ پاران نوشهروفيروزاسٽاپ وٽان عرفان ڏاهري عالم بالادي خليل شر زوهيب عباسي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي ريلي مختلف رستن تان ٿيندي پريس ڪلب ٺاروشاھ وٽ پهتي جتي مظاهرين آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف ڇتي نعرهبازي ڪئي جڏهن ته ريلي ۾ مذهبي اڳواڻن سيداحمد شاھ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسرائيل ۽ امريڪي جارحيت جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿا هنن چيو ته اسلامي ملڪ هن ڏکئي وقت ۾ ايران جو ساٿ ڏين هنن چيو ته آيت الله خامنائي اهو ثابت ڪيو آهي ته ظالم جي آڏو ڪڏهن به نه جهڪنداسين هن چيو ته حسيني پنهنجي جانين جا نذرانا ڏئي سگهن ٿا پر ڪڏهن به شڪست تسليم نه ڪندا نوابشاهه ۾ ايران جي سپريم ليڊر سيد علي خامنائي جي شهادت جي حوالي سان نوابشاهه جي وڪيلن پاران نوابشاھ بار ۾ دعا مغفرت ڪئي وئي جنهن بعد نوابشاھ جي وڪيلن بار جي صدر ايڊووڪيٽ علي رضا چنا ايڊوڪيٽ مير ساجد مري ايڊوڪيٽ سنتوش ڪمار جي اڳواڻي ۾ بار آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي ھنن چيو ته شھيد رهبر سيد علي خامنائي کي شھيد ڪندڙن آمريڪا ۽ اسرائيل جي قيادت مٿان جنگي اصولن موجب عالمي عدالت ۾ ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو وڃي هنن چيو ته اسان ايران سان هر محاذ تي گڏ آهيون ان موقعي تي احتجاج ڪندڙن سپريم ليڊر سيد علي خامنائي زندہ باد جڏهن ته آمريڪا اسرائيل مردا باد جا زوردار نعرا هنيا ويا
0 تبصرے