English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سنڌ جي پاڻي، زمينن، وسيلن، پئٽرول تي ڌاڙو هڻي مال غنيمت وانگر لٽيو پيو وڃي: اياز لطيف پليجو
views
|
13th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌ مان نڪرندڙ گئس ٻيا صوبا استعمال ڪري رھيا آھن، سنڌ سڀني صوبن کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي تہ سنڌ مان نڪرندڙ گئس ٻيا صوبا استعمال ڪري رھيا آھن، سنڌ ۾ ھٿرادو لوڊشيڊنگ ڪري گئس بند ڪئي وئي آهي. سنڌ حڪومت سنڌ جي وسيلا لٽائي رھيو آھي. سنڌ سڀني صوبن کان وڌيڪ گئس پيدا ڪري ٿو. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جي وسيلن تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. الميو اھو آھي تہ جتان گئس ۽ پيٽرول نڪري ٿو، اتي مقامي ماڻھن لاءِ دروازا بند ڪري ٻين صوبن جي ماڻھن کي نوڪريون ڏنيون وڃن ٿيون. ملڪ جي ٻين صوبن ۾ ائين ناھي. سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو،سنڌ جي زمينن تي ڌاڙو، گئس تي ڌاڙو، پئٽرول تي ڌاڙو، ڪارونجھر، ڪوھستان، ساحلي پٽي ۽ ٻين علائقن جي لکين ايڪڙ زمين تي ڌاڙو ھڻي سنڌ کي مال غنيمت ڪري لٽيو پيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ پيپلز پارٽي پاڻي، وسيلا ۽ زمينون لٽائڻ ۾ سھولتڪار بنيل آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ جتان گئس ۽ تيل نڪري ٿو، اتي جي مقامي آبادي کي مفت گئس جي سھولت انھن جو قانوني حق آھي پر انھي تي بہ عمل نٿو ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ جا وسيلا لٽڻ بند ڪيا وڃن. گئس جي ھٿرادو بندش بند ڪئي وڃي. سنڌ جي وسيلن تي صرف سنڌ جي ماڻھن جو حق آھي. پرائي مال تي ٽوپي نراڙ تي واري روش بند ڪئي وڃي. پھرين سنڌ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ کانپوء جيڪڏھن گئس بچي ٿي تہ اھا قانوني طور تي ٻين صوبن کي ڏني وڃي.اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪرپٽ حڪمرانن طبقي ۽ طاقتور ماڻھن لاءِ سنڌ کي مال غنيمت بنايو ويو آھي ۽ غريب ماڻھن، پورھيتن، ھارين لاءِ سنڌ ۾ وک وک تي پنجوڙ آھن، انھن لاءِ نہ پيئڻ جو صاف پاڻي آھي، نہ تعليم، نہ صحت، نہ روزگار ۽ نہ ئي قانون يا انصاف آھي ڪرپٽ حڪمرانن سنڌ جي ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي. حڪمران سنڌ کي لٽڻ ۽ تباھ ڪرڻ بند ڪن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
اياز لطيف پليجو
حيدرآباد
0 تبصرے