English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
آل پاڪستان واپڊا هائيڊرو يونين جي سڏ تي مڪلي ۾ احتجاجي مظاهرو
views
|
13th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
سردار نيڪ محمد کوسو، وحيد رند، عمران مغل، نياز خواجا ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو
ٺٽو(ڊر) حيسڪو ٺٽو جي 5 ملازمن کي سروس مان ريموو ڪرڻ واري عمل خلاف آل پاڪستان واپڊا ھائڊرو اليڪٽرڪ ورڪرس يونين جي سڏ تي مڪلي تي ھڪ احتجاجي مظاھرو چيئرمين سردار نيڪ محمد کوسو، وحيد رند، عمران مغل، نياز خواجہ، حڪيم خاصخيلي، ڪامران مغل، غياث جوکيو، دانش شيخ، اڪبر لاشاري جي اڳواڻي م ڪيو ويو، جنھن ۾ ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي حيسڪو ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ملازم اڳواڻن چيو تہ حيسڪو اختياريون بلاجواز ننڍن ملازمن کي تنگ ڪندي 5 لائين مينن کي بنا ڪنھن سبب جي سروس مان ريموو ڪيو ويو آھي، جيڪو عمل ڪنھن بہ صورت برداشت نٿو ڪري سگھجي. ھنن چيو تہ ملازمن کي ٽي اي ڊي اي جي صورت ملندڙ رقم بہ ادا نٿي ڪئي وڃي، جڏھن تہ ملازمن کي شوڪاز نوٽيس ڏيئي پريشان ڪيو پيو وڃي، جنھن عمل ملازم جي زندگي خطري ۾ وجھي ڇڏي اھي، ھنن چيو تہ ڪم ڪندڙ ملازمن جي حوصلا افزائي ٿيڻ بدران کين حراسان ڪيو پيو وڃي، جنھن عمل جي سخت لفطن ۾ مذمت ڪريون ٿا. ھنن مطالبو ڪيو تہ سروس مان ريموو ڪيل ملازمن کي بحال ڪري شوڪاز نوٽيس ڏيڻ جو سلسلو بند ڪري حيسڪو ملازمن کي ٽي اي ڊي اي ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وسيع ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th Jun 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
حج - اسلام جو عظيم فريضو ۽ روحاني توڙي اخلاقي تربيت جو ذريعو
05th Jun 2025
•
سندھ
یوبی جی رہنماوں کا500ارب ڈالر کی افریقی درآمدی مارکیٹ کیلئے اسٹریٹجک مارکیٹنگ پر زور
05th Jun 2025
•
تازہ ترین
پاکستان عالمی ادارہ محنت کی بنیادی اقدار اور محنت کشوں کے حقوق کے تحفظ اور ایک مشترکہ باوقار اور روشن مستقبل کی تعمیر کیلئے تمام شراکت داروں کے ساتھ مل کرکام کرنے کو تیار ہے۔چودھری سالک حسین
05th Jun 2025
•
پاکستان
آئیڈنٹیٹی پاکستان کی پہلی” ہنر مند“ نمائش کا انعقاد قونصل جنرل آف پاکستان ٹورنٹو کینیڈا میں عیدمیلے کے موقع پر کیا گیا

Advertisement
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
آل پاڪستان واپڊا
Advertisement
0 تبصرے