ٺٽي ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ جو سول اسپتال مڪلي جو دورو

محدود بجيٽ باوجود مريضن کي ٽي وقت کاڌ خوراڪ سميت مفت دوائن جي فراھمي جاري آھي: بريفنگ

ٺٽي ۾ ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ جو سول اسپتال مڪلي جو دورو

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ ٺٽو جو سول اسپتال مڪلي جو اوچتو دورو، مختلف شعبن جو معائنو، ريجنل ڊائريڪٽر صوبائي محتسب اعليٰ ھارون احمد خان سول اسپتال مڪلي جو اوچتو دورو ڪري ايمرجنسي ۽ ٻين مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ صفائي سٿرائي سميت سموري صورتحال جو جائزو ورتو. ان موقعي تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب سول سرجن ڊاڪٽر سيد يامين شاهه سميت سمورن لاڳاپيل ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف کي هدايت ڪئي ته عوام کي علاج جي بهتر سهولتن جي فراهمي سميت گهربل دوائون جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن غريب ۽ مستحق مريضن کي وڌ ۾ وڌ فائدو حاصل ٿي سگهي. ھُن ايمرجنسي، پيڊيٽرڪ، زناني، آرٿوپيڊڪ، سرجيڪل، ڊينٽل وارڊ ، الٽراسائونڊ، ٻارن جي نرسري، نيوٽريشن سينٽر، ڪولڊ روم ، فزيوٿرافي ۽ ٻين مختلف شعبن جو پڻ معائنو ڪيو ۽ پنهنجي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن مختلف وارڊن ۾ داخل مريضن کان سهولتن بابت پڻ معلومات ورتي. ان موقعي تي سول سرجن پاران ريجنل ڊائريڪٽر محتسب کي انتظامي معامرن بابت تفصيلي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ ضلعي سجاول جا مريضن پڻ وڏي انگ ۾ ھتي اچن ٿا جنھن جي ڪري ڪافي رش ۽ اوور لوڊ ھئڻ ۽ ڊاڪٽرن توڙي پيراميڊيڪل اسٽاف جي گهٽتائي سبب مشڪلاتون آھن جڏھن تہ محدود بجيٽ باوجود مريضن کي ٽي وقت کاڌ خوراڪ سميت مفت دوائن جي فراھمي مسلسل جاري آھي تہ جيئن کين علاج جون بھتر سھولتون فراھم ڪري سگهجن. ھُن ٻڌايو تہ سجاول ضلعي جي مريضن جي اچڻ سبب او پي ڊي ۾ پڻ وڌ کان وڌ اضافو ٿيو آھي، ان کان علاوہ ھر سومر تي اٽڪل 5 ھزار ۽ ھفتي جا باقي ڏينھن 2 کان اڍائي ھزار او پي ڊي ٿئي ٿي جڏھن تہ ھر مھيني تقريبن 700 ڊليوري ڪيس پڻ ٿين ٿا. سول سرجن درپيش مسئلن بابت پڻ آگاهه ڪيو، جنهن تي ريجنل ڊائريڪٽر محتسب ھارون احمد خان چيو ته هو جلد سول اسپتال سجاول جو پڻ دورو ڪري صورتحال جو جائزو وٺي ٺٽي ۽ سجاول اسپتالن جي مسئلن جي حل لاءِ اعليٰ اختيارين کي گڏيل رپورٽ موڪلي ويندي . ان موقعي تي ايڊيشنل سول سرجن ڊاڪٽر گيانچند، مرف جي نمائندو ڊاڪٽر دائود ھيلايو، سب رجسٽرار محتسب اعليٰ محمد حنيف پنھور، ڊسٽرڪٽ انفارميشن آفيسر محفوظ علي سومرو کان علاوہ مختلف شعبن جا ڊاڪٽر ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف پڻ موجود ھئا.