ڪراچي فشر مينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ريلي

فشر مينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ايڊمنسٽريٽر نا منظور، جمھوريت بحال ڪريو: سعيد بلوچ

ڪراچي فشر مينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ اليڪشن ڪرائڻ لاءِ ريلي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪراچي فشر مينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ اليڪشن ڪرايو، مظاھرين جو مطالبو، پاڪستان فشر فوڪ فورم پاران اڄ مل جيٽي کان مين بازار تائين ريلي ڪڊي وئي، جنھن ۾ ايف سي ايس ۾ اليڪشن نه ڪرائيڻ خلاف نعري بازي ڪئي وئي، مطالبو ڪندي چيو ته فشر مينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ ايڊمنسٽريٽر نا منظور جمھوريت بحال ڪريو،انھي موقعي تي مرڪزي جنرل سيڪريٽري سعيد بلوچ چيو ته ايف سي ايس ماھيگيرن جو ادارو آھي، انھي ۾ لوٽ مار جو عمل مسلسل جاري آھي، ماھيگيرن جي فلاح بهبود ۽ ترقي جا سب ڪم رڪيل آھن، سعيد بلوچ وڌيڪ چيوته پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت سنجيده ٿئي ۽ ادارو چورن لٽيرن کا آزاد ڪرايو وڃي، ان موقعي تي ڊويزن صدر مجيد موٽاڻي چيو ته اسان تمام ماھيگير ڪميونٽي ايف سي ايس تان قبضه گيري ختم ڪري، ظالمن کي سزا ڏني وڃي ، ۽ ھن وڌيڪ چيو، ته ملڪ پاڪستان ۾ جمهوريت جو سج چمڪي پيو پر فشر مينز ڪوآپريٽو سوسائٽي ۾ آمريت آھي،مرڪزي انفارميشن سڪريٽري ايوب شان ۽ ضلعي ڪراچي جي جنرل سيڪريٽري طالب ڪڇي ۽ ٻيئن اڳواڻن چيو ته ايف سي ايس کي بنائيڻ وارا بہ باني ماھيگير ھئا پر ھاڻي مڪمل قبضو حڪومت جو ٿي چڪو آھي، ايڊمنسٽريٽر ھيل تائين 7 ارب روپين جي لوٽ مار ڪري چڪا آھن ، ۽ بدمعاشي جي ڪرت اڄ به جاري آھي، احتجاجي ريلي ۾ مظاھرين نعرا ھڻندي چيو ته فشر مينز ڪوآپريٽو سوسائٽي تي قبضو نامنظور، ايف سي ايس ۾ جمھوريت بحال ڪري اليڪشن ڪرائي وڃي، ڪرپشن ڪنڌڙ ايڊمنسٽريٽر ۽ انھي جي ساٿارين کي سزا ڏياري وڃي