ٽنڊوآدم (حسنين عاشق ساند) پريس ڪلب ٽنڊوآدم پاران ٽنڊوآدم بار جي نئين چونڊيل عهديدارن کي مبارڪون. تفصيل موجب پريس ڪلب ٽنڊوآدم جي وفد صدر شيراز سمون جي اڳواڻي ۾ ٽنڊوآدم بار پهچي چونڊيل عهديدارن صدر ايڊوڪيٽ عبدالله خٽڪ، نائب صدر ايڊوڪيٽ عطاءُالله رند ۽ جنرل سيڪريٽري ايڊوڪيٽ شيخ جاويد سميت ايڊوڪيٽ نواز جويو، ايڊوڪيٽ راشد علي خان ۽ ٻين دوستن کي مبارڪون ڏنيون. ان موقعي تي ڳالهائيندي بار جي صدر ايڊوڪيٽ عبدالله خٽڪ چيو ته بار جا عهديدار ۽ وڪيل برادري پريس ڪلب جي ميمبر صحافي ڀائرن جا ٿورائتا آهن جن هميشه وانگر بار جي موجوده چونڊن ۾ بهترين ڪووريج ڪري دنيا کي ٽنڊوآدم بار جي صاف شفاف ۽ محبتي ماحول ۾ ٿيل چونڊن بابت اکين ڏٺو احوال ڏنو. هن چيو ته ٽنڊوآدم بار جا دوست شهري ۽ عوامي مسئلن جي حل لاء صحافي برادري سان قدم به قدم گڏ بيٺل آهن. ان موقعي تي پريس ڪلب جي صدر شيراز سمون چيو ته پريس ڪلب جا دوست هر عوامي ۽ شهري مسئلي کي اعلي ايوانن تائين پهچائڻ لاء پنهنجي قلم جو استعمال ڪن ٿا جڏهن ته ٽنڊوآدم بار جا وڪيل ڀائر هر مسئلي تي صحافي ڀائرن سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل هوندا آهن ۽ محبتن ۽ ساٿ جو اهو سلسلو مستقبل ۾ به جاري رهندو. ان موقعي تي پريس ڪلب ٽنڊوآدم جو سينيئر اڳواڻ وسيم فاروقي، جنرل سيڪريٽري جاوید مصطفي، جوائنٽ سيڪريٽري عاشق حسين ساند، آفيس سيڪريٽري راڻا سليمان سميت مبارڪ شيخ، فاروق اعظم مغل، عادل شهزاد، منور قريشي، حسنين ساند ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي پريس ڪلب جي وفد پاران بار جي چونڊيل عهديدارن کي اجرڪن ۽ گلن جا هار پارايا ويا.
0 تبصرے