English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پوليو خطرناڪ جي خاتمي لاءِ سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو: نويد الرحمان لاڙڪ
views
|
16th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت هيٺ اجلاس
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ جي صدارت ھيٺ ڊپٽي ڪمشنر آفيس عمرڪوٽ جي درٻار ھال ۾ پوليو جي رائونڊ فيبروري 2025ع جي حوالي سان اجلاس ٿي گذريو، ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ چيو ته پوليو ھڪ خطرناڪ بيماري آھي جنھن جي خاتمي لاءِ سڀني اسٽيڪ هولڊرز کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، جڏهن تہ 03 فيبروري 2025 کان 07 فيبروري 2025 تائين جاري رھندڙ پوليو مهم دوران ضلعي عمرڪوٽ ۾ ڪل 284044 پنجن سالن جي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا پياريا ويندا جنھن جي لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪيا وڃن، ھن پولیو جي سمورن ڊسٽرڪٽ مانيٽرنگ افسران کي ھدايت ڪندي چيو تہ پوليو جي مائيڪرو پلان تي وڌ ۾ وڌ ڌيان ڏنو وڃي ۽ ان جي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، ھن چيو ته پوري ملڪ پاڪستان ۾ پوليو جا 71 ڪيس ظاھر ٿيا آھن، جنھن ۾ صوبي سنڌ جي ميرپورخاص ڊويزن ۾ ھڪ پوليو جا ڪيس ظاھر ٿيو آھي، تنھنڪري اسان جي ضلعي ۾ پوليو مهم دوران وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي، ھن چيو ته انھي پوليو مهم جي سمورن مانيٽرن کي پنھنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي تہ جئين ھن مھم کي وڌ ۾ وڌ ڪامياب ڪري سگھجي، ان موقعي تي ھن سمورن اسسٽنٽ ڪمشنرن توڙي صحت کاتي جي آفيسرن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو تہ گذريل پوليو مهم دوران رھجي ويل 469 ٻارڙن کي ھن پوليو مهم دوران پوليو جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن ۽ پوليو مهم جي آگاھي جي حوالي سان عوام ۾ ھڪ واضح پيغام عام ڪيو وڃي تہ پنھنجي ٻارڙن کي پوليو جا ڦڙا ضرور پياريا وڃن، ان موقعي تي اجلاس کي پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار کتري بريفنگ ڏيندَي چيو ته پوليو جي اين آئي ڊي فيبروري 2025 دوران ڪل گھر گھر ٽيمون 814، فڪس سائيڊ ٽيمون 63، ٽرانزٽ سائيڊ ٽيمون 67، يوسي ميڊيڪل آفيسرز 45، تعلقہ سپروائيزر 07 ۽ 181 ايريا انچارج حصو وٺندا جڏھن ته ھن رائونڊ دوران ڪل ويڪسين 16000 ھزار وائل گھربل آھي، ان موقعي تي گڏجاڻي ۾ ايس ايس پي عمرڪوٽ عذير احمد ميمڻ، اسسٽنٽ ڪمشنر عمرڪوٽ رجب علي سٺيو، اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنري محمد خان، اسسٽنٽ ڪمشنر سامارو و پٿورو سنجي ڪمار ترڪيو، ڊي ايڇ او ڊاڪٽر محمد علي نھڙي، ايم ايس سول اسپتال عمرڪوٽ ڊاڪٽر فريد احمد هنڱورجو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر ايسرداس، اي پي آئي جي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر عمران، ڊبليو ايڇ او جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر درگاه شنڪر، پوليو جي فوڪل پرسن ڊاڪٽر وجئہ ڪمار، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ايڊيشنل ڊپٽي ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر نور محمد شيخ، اي ڊي ايل لوڪل گورنمينٽ عمرڪوٽ ھريش چندر کتري، پوليو جي ڪميونيڪيشن آفيسر ارباب منگريو، پي پي ايڇ آئي جي ڊاڪٽر شير علي، ڊاڪٽر گووند رام مالھي، سي ايم او ميونسپل ڪميٽيءَ عمرڪوٽ سيد ساجد شاھ، ڊي ايس وي، ٽي ايس وي، ايل ايڇ وي، ويڪسينيٽرن، سماجي تنظيمن سي ڊبليو ايس اي جي ميڊم ڪرن بشير، ھينڊز جي امام بخش خاصخيلي ۽ ٻين سماجي تنظيمن جي اڳواڻن سميت ٻين لاڳاپيل کاتن جي عملدارن پڻ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي اجلاس ۾ موجود سمورن سماجي تنظيمن جي اڳواڻن پاران شروع ٿيندڙ پوليو مهم دوران پنھنجو مڪمل تعاون ڪرڻ جي پڻ يقين ڌياني ڪرائي ويئي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
15th Aug 2025
•
سندھ
پاکستان کی کامیابی سے بھارت کی معیشت ہچکولے کھار رہی ہے، سعید غنی
15th Aug 2025
•
سندھ
جمہوری وطن پارٹی کی جانب سے پی ایس 122 میں 78واں جشن آزادی خصوصی تقریب میں منایا گیا
15th Aug 2025
•
تازہ ترین
خیبر پختونخوا میں سیلاب نے تباہی مچا دی، مجموعی اموات 148 ہوگئیں، وزیراعلیٰ کا امدادی ہیلی کاپٹر حادثے کا شکار
14th Aug 2025
•
تازہ ترین
طلاق کے بعد حوالگی کے تنازع پر ماں نے اپنے بچوں کو ذبح کر ڈالا
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
ڪنڊيارو جي حسام ميڊيڪل سينٽر تي 14آگسٽ تي 11عورتن جي ڊليوري تي 11 ٻارڙن جنم ورتو: ڊاڪٽر تسليم مسعود سھتو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ۾ چاليهي جو ماتمي جلوس سخت سيڪيورٽي هيٺ برآمد
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
اصل شئي قوم ۽ وطن آهي ھزارين سالن کان سنڌ سنڌين جو تاريخي وطن آهي: اياز لطيف پليجو
15th Aug 2025
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ قلعي تي صوبائي وزير جو اوچتو ڇاپو، 2 ملازمن غير قانوني فيس اوڳاڙيندي سوگها
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے