سنـڌ سرڪار يونيورسٽين اندر بيوروڪريٽس جـي مقرري ڪندي قانوني قرار ڏنو آھي، جنهن کي رد ڪريون ٿا: ڊاڪٽر اياز سومرو
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سـنڌ زرعي يونيورسٽي عمرڪوٽ ڪيمپس ۾ استادن جي تنظيم فاپواسا ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪيو. ان مُوقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر اياز سومرو چيو تہ سنـڌ گورنمينٽ يونيورسٽين جي اندر بيوروڪريٽس جـي مقرري ڪندي قانوني قرار ڏنو آھي، بيوروڪريٽس جي مُـقرري سان تعليمي ۽ تدريسي عمل متاثر ٿيندو ۽ سائنسي مُقالما پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ پڻ مشڪلاتون ٿينديون، ان موقعي تي ڊاڪٽر وشنداس ڳالھائيندي چيو تہ پروفيسر دنيا جي اعلـيٰ تعليمي ادارن مان ph.d جـون ڊگريون وٺي ڪري نيون تحقيقون ڪري مُـلڪ جو نالو روشن ڪندا آھن جنھن جي ذريعي پرائيويٽ ۽ گورنمينٽ ادارا ھلندا آھن، پروفـيسر تعليمي معيار کي بھتر بڻائيندا آھن نه صرف ادارن کي ٺاھيندا آھن پر شاگردن جي تربيت ۽ شاگردن کي اعليٰ مـقام تي پھچائيندا آھن، بيوروڪريٽس اچڻ سان يونيورسٽين جي تعليمي معيار کي ٺُـوس رسندي ۽ شاگردن، اسڪالرن ۽ استادن ۾ پڻ بي چِيني وٺندي ان عمل سان سنـڌ گورنمينٽ جي پڻ ساک متاثر ٿيندي، ان بل پيش ٿيڻ سان سـنڌ جي سڀني يونيورسٽين ۾ پڙهائيندڙ استاد ۽ پروفيسر جو مستقبل داءُ تي لڳل آھي، استادن جي تنظيم فاپواسا اعلان ڪيو آھي ته جيستائين سـنڌ گورنمينٽ بِـل واپس ن وٺندي تيستائين مُـڙني يونيورسٽين ۾ تدريسي عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويندو احتجاج جو دائـرو وڌايو ويندو
0 تبصرے