نوشهرو فيروز ۾ چراغ سي چرغ پروگرام ذريعي پرامن چونڊن لاءِ نوجوانن جو ڪردار بابت آگاهي سيمينار

اليڪشن جي عمل ۾ ووٽنگ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ووٽ ذريعي ئي ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي: مقرر

نوشهرو فيروز ۾ چراغ سي چرغ پروگرام ذريعي پرامن چونڊن لاءِ نوجوانن جو ڪردار بابت آگاهي سيمينار

نوشهرو فيروز (ڊر)ريجنل اليڪشن ڪمشنر آفيس شهيد بينظيرآباد پاران ڊائريڪٽر ڪاليج ايجوڪيشن شهيد بينظيرآباد جي سهڪار سان گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز ۾ اليڪشن ڪميشن جي چراغ سي چرغ پروگرام ذريعي پرامن چونڊن لاءِ نوجوانن جو ڪردار بابت آگاهي سيمينار ڪوٺايو ويو سيمينار ۾ خاص مهمان طور ريجنل اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف صديقي شرڪت ڪئي،ان موقعي تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف صديقي، ضلعي اليڪشن ڪمشنر خالد احمد مرزا، نادرا آفيس جي خان محمد چانگ، ڪاليج جي ايڊيشنل پرنسپال عطا محمد سولنگي، ارباب علي اجن، ماهنور شيخ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته اليڪشن جي عمل ۾ ووٽنگ تمام ضروري آهي، ڇاڪاڻ ته ووٽ ذريعي ئي ملڪ ۽ قوم جي تقدير بدلائي سگهجي ٿي. توھان کي اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي ان قومي مقصد ۾ مدد ڪرڻ گهرجي اڄ جو سيمينار پڻ ان سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي، مقررين ڪاليج جي شاگردن کي اپيل ڪئي ته هو پنهنجي گهرن ۾ ووٽنگ جي اهميت کان آگاه ڪن ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهو ووٽ ڏئي سگهن. مقررين وڌيڪ چيو ته ووٽ جي رجسٽريشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ جيڪي شهري 18 سالن جي عمر کي پهچي ويا آهن اهي فوري طور تي نادرا کان پنهنجو قومي شناختي ڪارڊ حاصل ڪن ته جيئن سندن ووٽ رجسٽرڊ ٿي سگهي ۽ هو پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن. سيمينار جي پڄاڻي تي ريجنل اليڪشن ڪمشنر محمد يوسف صديقي ۽ ضلعي اليڪشن ڪمشنر خالد احمد مرزا ووٽر ايجوڪيشن ڪميٽي جي ميمبرن ۽ ڪاليج جي استادن ۽ شاگردن ۾ تعريفي سرٽيفڪيٽ ورهايا.