ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)6مھينا اڳ اسٽيل ٽائون پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويل ڪيٽي بندر واسڻ سارا سمون ۽ ڌيءَ کي زخمي ڪرڻ جي سنڌ هائي ڪورٽ ڪراچي ۾ شنوائي ٿي عدالت صدام حسين سمون جي درخواست تي داخل ڪيل توھين عدالت جي ڪيس ۾ دليل ٻڌا جنهن بعد عدالت ايس ايچ او اسٽيل ٽائون ۽ اهلڪارن خلاف شام تائين ايف آئي آر داخل ڪري ان جي ڪاپي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو ان موقعي تي ايڊوڪيٽ اشرف سمون سمير سمون اصغر سمون يعقوب سمون صدام حسين سمون ظفر علي ۽ ٻيا موجد هئا ايڊوڪيٽ اشرف سمون صحافين کي ٻڌايو ته 6مھينا اڳ اسٽيل ٽائون پوليس گلشن حديد لڳ قومي شاھراھ تي ڪار تي فائرينگ ڪري سارا سمون کي شھيد سندس ڌيء غنوا کي زخمي ڪيو هو پوليس خلاف ٿاڻي تي ڪيس داخل نه ڪيو ويو جنهن ڪري عدالت کان ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم نامو جاري ڪرايو ويو پر پوليس توهين عدالت ڪندي ڪيس داخل نه ڪيو جنهن جي شنوائي اڄ ڪورٽ ۾ هئي جنهن ۾ جسٽس اقبال احمد ڪلھوڙو دليل ٻڌڻ کان پوء ٻيھر شام تائين ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ايف آئي آر جي ڪاپي ڪورٽ ۾ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آھي
0 تبصرے