ڪراچي: سنڌ حڪومت سرڪاري گاڏيون واپس نھ ڪندڙ ماڻھن خلاف ڪيس داخل ڪرائڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آھي.
سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آھي تھ سرڪاري گاڏيون واپس نھ ڪندڙن ۽ اُنھن گاڏين جو غير مجاز استعمال ڪندڙن کي نامزد ڪرد ايف آءِ آرون ڪاٽيون وينديون.
ڪفايت شعاري بابت سنڌ ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي جو اھم اجلاس سنڌ جي سينئر ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ سنڌ سيڪريٽريٽ ڪراچي ۾ سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي آفيس ۾ ٿيو.
اجلاس ۾ مڪاني ادارن، ھائوسنگ اينڊ ٽائون پلاننگ، پبلڪ ھيلٿ انجيئرنگ واري صوبائي وزير سعيد غني، جيل خانھ جات ۽ ورڪس اينڊ سروسز واري صوبائي وزير علي حسن زرداري، سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاھھ، سيڪريٽري جي اي محمد نواز سوھو شرڪت ڪئي.
ڪميٽي اجلاس ۾ سنڌ سرڪار جي ترڪ ڪيل گاڏين جي نيلامي جو بھ فيصلو ڪيو ويو، اجلاس ۾ معزز ميمبران پنھنجون سفارشون پيش ڪيون ۽ خرچن ۾ گھٽتائي يقيني بڻائڻ جي حوالي سان تجويزون ڏنيون.
اجلاس ۾ سرڪاري گاڏين جي استعمال، پيٽروليم، آئل ۽ لبريڪينٽس جي خرچن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۽ بيڪار گاڏين جي نيلامي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ ڪميٽي ميمبرن اختيارين کي ھدايتون جاري ڪيون تھ گاڏين جي الاٽمينٽ ۽ ريگيوليٽ ڪرڻ جي لاءِ واضح رھنما اصولن تي عملدرآمد يقيني بڻائي وڃي.
اجلاس ۾ نيلامي جو عمل شفاف بڻائڻ ۽ حاصل ٿيڻ وارا فنڊز اوليتي منصوبن جي لاءِ مختص ڪرڻ جون تجويزون بھ پيش ڪيون ويون.
اجلاس جي موقعي تي ڳالھائيندي سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ سرڪاري گاڏين جي غير ضروري استعمال تي ضابطي ۽ پي او ايل تي وڌندڙ خرچن کي گھٽ ڪرڻ جي ضرورت آھي، بيڪار گاڏين جي نيلامي مڪمل طور تي شفاف بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن.
0 تبصرے