English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي ماحول دوست بڻائڻ ۽ عوام کي ڳرن بلن مان آجو ڪرائڻ لاءِ پروگرام منعقد
views
|
07th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڪلائيمنٽ ايڪشن سينٽر طرفان امڙ پبلڪ لائبريري ڌڻي بخش بروهي ڳوٺ ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي ماحول دوست بنائڻ ۽ عوام کي ڳرن بلن مان آجو ڪرائڻ لاءِ آگاھي پروگرام منعقد، سياسي سماجي اڳواڻن، پروفيسر، استادن ۽ علائقي واسين جي شرڪت، ايئن محسوس ٿي رھيو آھي تہ ڪي اليڪٽرڪ عوام دشمن منصوبي تي ڪم ڪري رهي آهي بجلي ڪوئلي ، گيس ۽ تيل تي تيار ٿيندڙ بجلي عوام کي تمام گھڻي مھانگي ڏيئي رھي آھي جڏھن تہ انھن بجلي گھرن مان نڪرندڙ دونهون انساني صحت لاء خطرناڪ ھئڻ سان گڏ ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ طوفان جو سبب بڻجي ٿو اڳواڻ تفصيل موجب ڪلائيمنٽ ايڪشن سينٽر ۽ بھار فائونڊيشن طرفان گذريل ڏينهن امڙ پبلڪ لائبريري ڌڻي بخش بروهي ڳوٺ ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي ماحول دوست بنائڻ ۽ عوام کي ڳرن بلن مان آجو ڪرائڻ لاءِ آگاھي پروگرام منعقد ڪيو ويو جنهن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن، پروفيسر، استادن ۽ علائقي واسين سماجي اڳواڻ عبدالحئي مرزا ، سرحد يونيورسٽي جي باني عمران غوري ، اليڪٽرڪ انجينئر اظھر صاحب، استاد عاشق حسين وڌيو ، استاد برڪت علي سوڍڙو، ذوالفقار سيال ظفر شيخ نور احمد پٺاڻ ليبر ڪائونسلر نويد راڄپر ريحانه عمران مس شازيه مرتضي دراني گريوا اڳواڻ محمد قاسم پٺاڻ امير زادي بلوچ صفيا عباسي نجمه ڀٽو ۽ ٻين شرڪت ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن ڳالھائيندي چيو تہ سائيڪلن جيان ماحول دوست قدرتي ذريعن جنهن ۾ ھوا ، سج جي روشني ۽ سمنڊ جي لھرن مان جديد ٽيڪنالاجي جي ذريعي بجلي پيدا ڪري عوام کي بلڪل سستي بجلي مھيا ڪرڻ گھرجي جنھن سان گڏ ماحول کي بہ دوست بڻايو وڃي تہ جيئن عوام مھانگي بجلي جي عذاب کان بہ بچي سگھي پر ڪي اليڪٽرڪ جي صورتحال مان ايئن محسوس ٿي رھيو آھي تہ هو عوام دشمن منصوبي تي ڪم پئي ڪري جنھن کي سڄي ڪراچيءَ کي بجلي فراھم ڪرڻي آهي جيڪا بجلي ڪوئلي ، گيس ۽ تيل تي تيار ٿيندڙ بجلي عوام کي تمام گھڻي مھانگي ڏيئي رھي آھي جڏھن تہ انھن بجلي گھرن مان نڪرندڙ دونهون انساني صحت لاء خطرناڪ ھئڻ سان گڏ ملڪ ۾ ٻوڏ ۽ طوفان جو سبب بڻجي ٿو اليڪٽرڪ موٽر ۽ انسان جي صحت لاء بہ ماحول سازگار بڻجي ھنن وڌيڪ چيو تہ ڪراچي جو عوام مھانگي بجلي کان بچاءُ لاء سولر سسٽم لڳائي ھميشه مھانگي بجلي جي تڪليف کان بچي سگھي ٿو گڏيل طور سولر انرجي سسٽم لڳائڻ ۾ جيڪڏھن ڪنھن کي ڪائي پريشاني ٿئي ٿي تہ سي اي سي ڪلائيمنٽ ايڪشن سينٽر جا ماھر اليڪٽريشن عوام جي ھر وقت خدمت لاء موجود آهن ھنن وڌيڪ چيو تہبھار فائونڊيشن جن جا اسين ٿورائتا آھيون جيڪي ماڻھن جي تڪليف کي سمجھندي اھڙا عوامي آگاھي جا پروگرام منعقد ڪرائن ٿا
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ملير
KE
0 تبصرے