فريد احمد ڪنڀار کي ضلعي صدر ۽ محمد عالم ڪنڀار کي سينئر نائب صدر چونڊيو ويو
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) جماعت اصلاح المسلمين ضلع عمرڪوٽ جي چونڊ ٿي گذري، هن اهم موقع تي جماعت جي صوبه سنڌ جي عھديدارن شھزاد وقاص نائب صدر، انور علي ڏاھري آڊيٽر، محمد سعيد چانڊيو معاون جنرل سيڪريٽري، عبدالڪريم آلکاڻي، قبله خليفه سڪيلڌو طاھري جي موجودگي ۾ ضلعي باڊي جو انتخاب عمل ۾ آيو، ان چونڊ ۾ جنهن ۾ نئين عھديدارن جو تعين ڪيو ويو، ان جي نتيجي ۾ فريد احمد ڪنڀار کي ضلعي صدر طور چونڊيو ويو، جڏهن ته محمد عالم ڪنڀار سينئر نائب صدر، محمد عنصر جٽ نائب صدر، ۽ محمد صديق راھمون جنرل سيڪريٽري مقرر ٿيا، ٻين چونڊيل عھديدارن ۾ اسد عالم ڪنڀار جوائنٽ سيڪريٽري، غلام مرتضي ڪنڀار پريس سيڪريٽري، رضوان احمد ڪنڀار فناس سيڪريٽري، مير محمد سميجو آڊيٽر، شھاب الدين راھمون آفيس سيڪريٽري، محمد افضل جٽ معاون صدر، ۽ محمد ڄام ڪنڀار معاون فناس سيڪريٽري مقرر ڪيا ويا، ان موقعي تي موجود عھديدارن ۽ نئين چونڊيل عھديدارن پاران جماعت جي سرگرمين کي وڌيڪَ مستحڪم ۽ تعليمي، سماجي ۽ فلاحياتي ميدانن ۾ نمايان ڪاميابيون حاصل ڪرڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو عزم ڪيو ويو، جماعت اصلاح المسلمين ضلع عمرڪوٽ جي نئين باڊي جو انتخاب، ضلعي سطح تي جماعت جي ڪارڪردگي ۽ اثر کي وڌائڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو.
0 تبصرے