نوشھروفيروز ڀرسان دليپوٽا ۾ عورتن جي ھٿ جي ھنـر ۽ نوجوانن لاء ڪپميوٽر سينٽرجو افتتاح

دليپوٽا لرننگ اسڪل رحمت انسٽيٽيوٽ تي مختلف شعبن ۾ مفت سکيا ڏني ويندي: مقرر

نوشھروفيروز ڀرسان دليپوٽا ۾ عورتن جي ھٿ جي ھنـر ۽ نوجوانن لاء ڪپميوٽر سينٽرجو افتتاح

نوشھروفيروز (ڊ ر) نوشھروفيروز ڀرسان دليپوٽا ۾ سماجـي اڳواڻن پاران عورتن جي ھٿ جي ھنـر ۽ نوجوانن لاء ڪپميوٽر سينٽر(دليپوٽا لرننگ اسڪل رحمت انسٽيٽيوٽ جو افتتاح) ھن سينٽر تي مختلف شيعبن۾ مفت سکيا ڏني ويندي پروگرام ۾ سانا جا عھديدارڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ۽ ٻين اديب ليکڪ ۽ سماجي اڳواڻن ۽ رھواسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئــي ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ۽ سانا جي ميمبر ڊاڪٽـر امان اللھ پنھور ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو ڊاڪٽر اعجاز ترڪ ورلڊ بينڪ جو اويس پنھور خالد پنھور انعام شيخ منظور سـولنگي ڊاڪٽر علي رضا قاضي . ناصر پٺاڻ شاھدا شيخ. فريده پنھور ۽ ٻين چيو تـ دليپوٽا جھڙي ڳوٺاڻي ماحول ۾ جديد ۽ ٽيڪنالوجي جي دور جو ھي واحد سينٽر آھي جيڪو ڳوٺ جي رھواسين لاء سٺو ثابت ٿيندو ھنن چيو تـ سانا جي اڳواڻن ۽ ورلڊ بينڪ جي ميمبرن پاران عطيو ڏئي ھتي جي رھواسين جي خدمت ڪرڻ لاء ادارو قائم ڪيو آھي ان موقعي تي اڳواڻن چيو تـ سنڌ حڪومت کـي بـ گھرجي تـ سنڌ جي ڳوٺن ۾ ھيڙا سينٽر قائم ڪـري ٻھراڙي جي ڳوٺاڻن عورتن ۽ کـي ھنرمند بڻائي سکيا ڏئي دنيا آڏو پاڻ ملھائڻ گھرجي ـ