English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ گندگي خلاف 10 ڏينھن به ميونسپل آفيس ۽ پريس ڪلب سامهون احتجاج
193 views
|
09th Jan 2025
•
سنڌي خبرون
پڊعيدن روڊ، اسٽيشن روڊ، مٺياڻي روڊ، مورو روڊ، شاھي بازار، ڪاليج روڊ سميت سڄي شهر ۾ گندو پاڻي بيٺل آهي: مظاهرين
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ گندگي خلاف 10 ڏينھن ميونسپل آفيس ء پریس کلب جي سامهون احتجاج ڪيو ويو، شھر جي مختلف علائقن پڊعيدن روڊ، اسٽيشن روڊ، مٺياڻي روڊ، مورو روڊ، شاھي بازار، ڪاليج روڊ سميت سڄي شهر ۾ گندو پاڻي بيٺل، مختلف سياسي، سماجي تنظيمن جو احتجاج، احتجاج جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، ايم ظفر تڳر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال، مولابخش مشوري، ضمير حسين وسطڙو، اختر علي چانڊيو، فقير ميهر علي بهڻ، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن سڄو شهر گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي جنهن سبب شهر جا معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن پر انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري هنن چيو ته نوشهرو فيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل رهي ٿو جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي پر اها رقم ڪوڙن ووچر ذريعي هڙپ ڪئي وڃي ٿي صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو ويو آھي هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين ڊاڪٽر ڪاشف مصطفي ميمڻ، ميونسپل آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز
0 تبصرے