ملير: عوامي پريس ڪلب ۾ نامياري شاعر ۽ شاھ جي پارکو سيد غفور شاهه تقوي جي سالگرهه ملهائي وئي

ملير: عوامي پريس ڪلب ۾  نامياري شاعر ۽ شاھ جي پارکو  سيد غفور شاهه تقوي جي سالگرهه ملهائي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ادب مظلوم قومن جو ھٿيار آھي پر سنڌ جي ماڻھن کان اھو ھٿيار کسيو پيو وڃي ڪنھن وقت ۾ اديب وقت جي حڪومت جي غلط پاليسين خلاف لکندا ھيا پر ھاڻي حڪومت جون غلط پاليسيون ڏسن به پيا پر پوء بہ حڪومت جي ساراهه ڪندي ٿڪجن نه ٿا اڄ اسان جو ضمير ڪٿي بيٺل آھي اسان اديبن کي ڏسڻو پوندو ۽ پنھنجو پاڻ کان پڇڻو پوندو اھڙن خيالن جو اظھار عوامي پريس ڪلب ملير ۾ سنڌي ادبي سنگت ملير پاران نامياري شاعر ۽ شاھ جي پارکو سيد غفور شاھ تقوي جي ملھايل سالگرھ ۾ ڪيو تقريب کي سامي ميمڻ سڪندر سرواڻ اصغر عادل مجيب سنڌي امتياز دانش قمبر ٻُٽ ۽ ٻين چيو تہ سيد غفور شاهه تقوي ضمير جو آواز آھي ھو ڪڏھن به ٻين اديبن جيان وڪيو ناھي قلم جي لڄ رکي اٿائين.ھنن وڌيڪ چيو تہ ادب اھو آھي جنھن ۾ عوام جي ڳالھ ھجي ۽ عوام جا ڏک درد ھجن تارخ ۾ اھو ادب ئي پنھنجي جڳھ والاريندو جيڪو عوامي ھوندو