نوشهروفيروز ۾ خوراڪ کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ۽ علامتي بک هڙتال

نوشهروفيروز ۾ خوراڪ کاتي جي ملازمن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاجي ريلي ۽ علامتي بک هڙتال

نوشهرو فيروز (ڊ ر) خوراڪ کاتي جي ملازمن پاران ٽائيم اسڪيل، فوتي ڪوٽا ۽ پروميشن نه ملڻ خلاف سال جي پهرئين ڏينهن تي ڊي ايف سي آفيس کان پريس ڪلب نوشهرو فيروز تائين ريلي ڪڍي علامتي بک هڙتال ڪئي وئي سي ايم هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان ان موقعي تي اڳواڻن جاويد يونس، محمد گوپانگ، نويد عمراڻي، گل محمد ڪلهوڙو، راڻو هاليپوٽو ۽ ٻين چيو ته خوراڪ کاتي ۾ انڌير نگري چرٻٽ راجا جو راڄ آھي ڪرپٽ آفيسرن جا پروميشن ۽ مراعتون جاري آھي ته ٻئي طرف ننڍن ملازمن خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود فوتي ڪوٽا، ٽائيم اسڪيل ۽ پروميشن نٿا ڏنا وڃن، هنن اعلان ڪيو ته 10 جنوري تائين خوراڪ کاتي ملازمن جا مسئلا حل نه ٿيا ته سي ايم هائوس آڏو احتجاجي ڌرڻو هنيو ويندو