English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهرو فيروز ۾ وڌندڙ گندگي خلاف ٽئين ڏينھن به مورو سکر روڊ تي ڌرڻو
10 views
|
30th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
انتظامي نااهلي سبب شهر گندگي جي ڍير ۾ تبديل ٿي ويو آهي، نوٽيس ورتو وڃي: مطالبو
نوشهرو فيروز (ڊ ر) نوشهرو فيروز ۾ گندگي خلاف 3 ڏينھن تي ب مورو سکر روڊ تي ڌرڻي جو جاري آهي شھر ۾ وڌندڙ گندگي پٽعيدن روڊ اسٽيشن روڊ مٺياڻي روڊ مورو روڊ شاھي بازار ڪاليج روڊ پريس ڪلب سامھون ب بيٺل گندي پاڻي خلاف سياسي، سماجي تنظيمن جو ڌرڻو ، خبر موجب نوشهرو فيروز ۾ وڌندڙ گندگي، شهر کي نئون ڊرينيج سسٽم، رينچ مشين نه ڏيڻ، ويزا سسٽم ۽ ڪرپشن خلاف سياسي سماجي تنظيمن آل پارٹیز الائینس پاران مختلف تنظيمن پاران نيشنل ھائي وي مورو سکر روڊ تي ڌرڻو لڳايو ويو . ڌرڻي جي اڳواڻي اي پي اي اڳواڻ محمد يونس راڄپر، سنڌ صحافي اتحاد جو ایم ظفر تڳر، ايس يو پي اڳواڻ خادم سيال ڪامريڊ مسرور چانڊيو ، جسقم اڳواڻ فريد لاشاري، منير وسطڙو، پ پ پ شهيد ڀٽو جو اڳواڻ خالد چانڊيو، بشارت کوسو، ايس ٽي پي اگواڻ اقبال راڄپر ضمير لنڊ، راجا سولنگي، سيد مدد علي شاه، فقير ميهر علي بهڻ، عتیق الرحمان وسطڙو ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻ چيو ته نوشهروفيروز جي نااهل انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي لاپرواهي سبب نوشهروفيروز شهر 16 وارڊ گندگي جو ڍير بڻجي ويا آهن جنهن سبب نوشهروفيروز جا شهري، معصوم ٻار ۽ شاگرد مختلف بيمارين ۾ وٺجي رهيا آهن پر افسوس انتظاميا ۽ چونڊيل نمائندن جي ڪنن تي جونء به نه ٿي چري هنن چيو ته نوشهروفيروز جا روڊ رستا، مين چوڪ ۽ هيٺائين وارا علائقا، قبرستانن ، اسڪولن ۽ مسجدن سامهون ڊرينيج جو گندو پاڻي بيٺل آھي جنهن ڪري شهري سخت پريشانين کي منهن ڏئي رهيا آهن ۽ دڪاندارن جو ڪاروابار به ٺپ ٿي ويو آهي هر طرف گندگي جا ڍير هجڻ ڪري شهر کنڊر جو ڏيک ڏئي رهيو آهي ميونسپل ڪاميٽي جي 3 ڪروڙ کان وڌيڪ بجيٽ آھي ۽ گذريل ھفتي ڪوڙن ووچر ذريعي ھڪ ڪروڙ 68 لک رپيا ڦٻايا ويا آهن صفائي ڪندڙ سوين ملازمن کي ويزا تي ڇڏيو آھي هنن اعلا اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ميونسپل چيئرمين، ميونسپل آفيسر ۽ آڊٽ آفيسر خلاف جاچ ڪري ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ڌرڻي جو دائرو وڌايو ويندو
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
14th Dec 2025
•
دلچسپ اور عجیب
30 سال بعد مریض کے معدے سے لائٹر برآمد، ڈاکٹر بھی دنگ رہ گئے
14th Dec 2025
•
سندھ
شکارپور میں صوبائی اسمبلی کی نشست پر ضمنی الیکشن آج، کنٹرول رومز فعال
14th Dec 2025
•
پاکستان
فیلڈ مارشل کو بلاول کا اجرک و ٹوپی کا تحفہ، اسلام آباد کی سیاست میں نئی سرگوشیاں
12th Dec 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
شڪارپور ماضيءَ جو پئرس، بدانتظامي، بدعنواني ۽ بيحسي جو زندھ مثال!
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
نوشهرو فيروز
گندگي
0 تبصرے