ميگهواڙ برادري جي هِن ڪُٽنب جي ڪير بہ رڙ ڇو نٿو ٻُڌي?

غازي بجير

ميگهواڙ برادري جي هِن ڪُٽنب جي ڪير بہ رڙ ڇو نٿو ٻُڌي?

ڳوٺ جيئندو درس واسي ميگهواڙ برادري جو هي ڪُٽنڀ 17 هين ڏينهن کان اسلام ڪوٽ پريس ڪلب آڏو سخت سرديءَ ۾ پنهنجن معصوم ٻچڙن سميت صرف هِن مطالبي جي مڃتاءُ لاءِ ڏينهن ۽ رات احتجاج تي ويٺل آهي تہ ڳوٺ ۾ وڏيرن جي بڇ تي سندن ئي برادري جي ماڻهن آر او پلانٽ ۽ سرڪاري پلاٽ تي قبضو ڪري اُتي ڊيوٽي ڪندڙ عورت آپريٽر نورجنا ٻائي کي ڪڍي ڇڏيو آهي،

ڳوٺ ۾ بااثر ماڻهن کان آر او پلانٽ تي ڊيوٽي ڪندڙ هڪ غريب عورت آپريٽر برداشت نہ ٿي ٿئي،هن معاشري ۾ جتي عورتن کي گهر کان ٻاهر نڪرڻ نٿو ڏنو وڃي اُتي اڄ بہ ٻاهر نڪري ٻچن جي پيٽ پالڻ جا جتن ڪندڙ عورتن کي ايئن نورجنا وانگر ڌڪي ڪڍيو ٿو وڃي،هي ڪُٽنب رُڳو هڪ نياڻي جي ٻچن جي روزي بچائڻ خاطر معصوم ٻچا وٺي سخت سيءُ ۾ هتي تڙپي رهيو آهي،

مسلسل 17 ڏينهن کان صرف ميڊيا جي ڪوريج بنا ڪير بہ هنن جي دانهن ڪوڪ کي نہ ٿو ٻُڌي،وري بہ جس ڏيان ٿو اُن پيرسن جهور پوڙهي چاچا ڏامرومل ميگهواڙ جن کي جيڪو هن عمر ۾ بہ ساماري پنڌ ڪري هن خاندان سان انصاف لاءِ رڙيون ڪندو ٿو رهي،

هن ڳالھ جو ڏاڍو ڏُک آهي تہ ميگهواڙ برادري جا اهم اڳواڻ جيڪي حڪومتي ڌُر ۾ ويٺل آهن پر اُنهن پنهنجي برادري جي ماڻهن جي دانهن کي ٻُڌڻ ڇڏي ڏنو آهي،هن وقت ايم پي اي ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ،اڳوڻو سينيٽر انجنيئر گيانچندٿاهراڻي،بلاول هائوس ۾ ويٺل سُرينڌر ولاسائي ۽ راهول جيوڻ هن خاندان جي مدد تہ ٺهيو پڇڻ مناسب ناهي سمجهيو،هنن مان ڪو هڪ اڳواڻ احتجاج ڪندڙن وٽ لڙي ناهي آيو اُنهي سان گڏ ميگهواڙ برادري جا ڪافي سياسي سماجي اڳواڻ سوشل ميڊيا تي ڏسڻ ۾ ايندا آهن پر ايتري تعداد باوجود هن ڪُٽنب جي ڪنهن مدد ناهي ڪئي،

پ پ جا چونڊيل نمائيندا ايم اين اي ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي ۽ پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي کي ياد هجڻ گهرجي تہ هي اوهان جا ووٽر آهن جن کي اليڪشن واري ٽائيم اوهان گهڻي ۾ گهڻو سُڃاڻيندا هئا پر هاڻي ڪامياب ٿي وڃڻ بعد غريبن کي سڃاڻڻ کان انڪاري ٿي ويا آهيون،ياد رکڻ گهرجي تہ غريبن ۽ مظلومن جي رڙ کي توهان نظرانداز ڀلين ڪريو پر هنن جي اندر مان جيڪا بد دعا نڪري ٿي پئي سُٺو آهي تہ اُنهي کان بچڻ جي ڪوشش ڪري هنن کي انصاف ڏيارڻ ۾ اڳتي اچو هنن توهان کي ووٽ ڏئي ڪامياب ڪيو آهي،

هي خاندان پريس ڪلب آڏو رت سُڪائيندڙ هِن سرديءَ ۾ معصوم ٻچڙن سميت ڏَڪي رهيو آهي،ميگهواڙ برادري جي سمورن معززين کي رڪوسٽ ڪبي تہ هي احتجاج تي ويٺل نياڻيون اسان ۽ توهان جون پنهنجيون نياڻيون آهن،17 هين ڏينهن کان پنهنجن گهرن کان بي گهر ٿي روڊن تي پريشان ويٺل هنن نياڻين جو تہ ڪجھ خيال ڪيو،

وٽس لڙي اچي مسئلو معلوم تہ ڪيو ڪير صحيح آهي يا ڪير غلط،

جيڪو غلط هجي اُنهي کي غلط ڪري مسئلي جو حل ڪڍي متاثر خاندان جي دانهن ٻُڌي وڃي،

ڳوٺ جو آر او پلانٽ بند هجڻ ڪري اُتي جا سوين ماڻهو پيئڻ جي پاڻي لپ لاءِ ٿڙپي رهيا آهن،اُتي جي چند ماڻهن جي اَنا هي آهي تہ هن آر او پلانٽ تي هي عورت آپريٽر مقرر نہ هجي،احتجاج ڪندڙ چون ٿا تہ ٿرفائونڊيشن جي انتظاميا اسان کي 2 ڏينهن اڳ اجازت ڏني تہ آر او پلانٽ چالو ڪري هلايو وڃي جڏهن هتان عورت آپريٽر ڳوٺ وڃي پلانٽ چالو ڪرايو تہ وري ساڳئي مخالف ماڻهن پلانٽ تي وڃي عورت آپريٽر سان بدتميزي ڪري پلانٽ بند ڪرائي تالو لڳرائي ڇڏيو آهي،

سوچڻ جهڙو مقام آهي تہ ڳوٺ ۾ ايڏي انڌيرنگري لڳي پئي آهي جو اُتي جا چند ماڻهو رياست جي رِٽ کي چئلنج ڪري 17 هين ڏينهن کان سرڪاري آر او پلانٽ بند ڪرائي سوين ماڻهن کي اُڃ ۾ تڙپائي رهيا آهن پر مجال آهي جو انتظاميا ڪجھ قدم کڻي،هي ڪهڙو نظام آهي جتي ڪنهن بہ غريب وٽ جيئڻ جو حق ڪونهي،