پ پ اڳواڻ پير امير علي شاہ جيلاني جي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ميرمحمد راڄڙ آمد

پير امير علي شاہ جيلاني جي آمد جي موقعي تي مريدن پاران سندس شاندار آجيان ڪئي وئي

پ پ اڳواڻ پير امير علي شاہ جيلاني جي عمرڪوٽ جي ڳوٺ ميرمحمد راڄڙ آمد

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پيپلزپارٽي اڳواڻ جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پير امير علي شاہ جيلاني جي عمرڪوٽ جي علائقي ڳوٺ ميرمحمد راڄڙ ۾ علي اڪبر راڄڙ جي دعوت ۾ شرڪت مريدن کي روحاني ديدار ڪرايو ھزارين جيلاني جماعت جي مريدن کي خطاب خبر موجب جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پير امير علي شاہ جيلاني ڳوٺ مير محمد راڄڙ ۾ علي اڪبر راڄڙ جي دعوت ۾ ھزارين مريدين کي ديدار ڪرايو ۽ پير امير علي شاہ جيلاني جي ڳوٺ مير محمد راڄڙ پھچڻ تي گل نڇاور ڪري شاندار استقبال ڪيو ويو، جتي جيلاني جماعت جي مريدن اسد علي راڄڙ، آفتاب حسين راڄڙ، نويد علي راڄڙ، صوبدار راڄڙ، مشاھد علي راڄڙ، شريف راڄڙ، فتح علي راڄڙ، نور حسن راڄڙ ۽ ٻين جيلاني جماعت جي روحاني پيشوا پير امير علي شاہ جيلاني کي اجرڪن ۽ ٽوپين جا تحفا پيش ڪيا پير امير علي شاه جيلاني، جيلاني جماعت جي مريدن کي روحاني ديدرا ڪرايو ۽ خطاب پڻ ڪيو، پير امير علي شاه جيلاني خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۽ قوم جي سلامتي لاءِ دعاڳو آهيون الله پاڪ جيلاني جماعت سميت انسان ذات کي خوش رکي تڪليفن کان بچائي، جيڪي به پيراڻيون گاديون آهن سڀئي امن ۽ ڀائچاري جو درس ڏين ٿيون، جيلاني جماعت سميت سڀني کي پاڙي وارن جو خاص خيال رکڻ گهرجي هر مذهب جي ماڻهون جو احترام ڪرڻ گهرجي، روحاني دوري دوران جتي به ويو آهيان هر جماعت ۽ مذهب جي ماڻهن وڏو مان ڏنو آهي اسان سڀني ۾ هر ڪنهن جو احترام هجڻ گهرجي احترام جو تعلق هميشه قائم رهيو آهي اڳتي به رهندو، الله پاڪ تمام انسان ذات کي مشڪلن ۽ پريشانين کان بچائي، پير امير علي شاه جيلاني جي روحاني دوري دوران هزارين جيلاني جماعت جي مريدن عقيدتمندن ۽ عام ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ روحاني ديدار ڪيو ۽ خطاب پڻ ٻڌو.