ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

ڪيمپ ۾ ماهر ڊاڪٽرن ۽ ڊاڪٽرياڻين مريضن کي تپاسي سندن علاج ڪيو ۽ مفت دوائون ڏنيون

ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران مفت طبي ڪيمپ لڳائي وئي

ملير (درياخان شر) سماجي تنظيم سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران جوائنٽ ٽو سر ينگ ڊاڪٽرز جي تعاون سان ميمڻ ڳوٺ ۾ هڪ ڏينهن جي مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي ڪيمپ ۾ جنرل فزيشن چائلڊ اسپيشلسٽ ،گائني اسپيشلسٽ ،نيورو ، گيسٽرو ،اسڪن ،ENT ۽ ٽي بي جي بيمارين جي ماهر ڊاڪٽرن هڪ هزار کان وڌيڪ آيل مريضن جو مفت طبعي چڪاس ڪري کين دوائون پڻ فراهم ڪيون، ميڊيڪل ڪيمپ م ميمڻ ڳوٺ سميت آس پاس ٻهراڙين جي علائقن سان تعلق رکندڙ وڏي تعداد ۾ مڊل ڪلاس جي شهرين پهچي طبعي چڪاس ڪرائي علاج جون سهولتون حاصل ڪيون، ميڊيڪل ڪيمپ ۾ عورتن ٻارڙن جي پڻ وڏي تعداد آيل هئي ڪيمپ جي موقعي تي ماهر ڊاڪٽرن تي جوڙيل ٽيم فوڪل پرسن ڊاڪٽر امير حمزه ڊاڪٽر مهرين، ڊاڪٽر انعم ، ڊاڪٽر فاطمه احمن ،ڊاڪٽر بلال، ڊاڪٽر فرحان سميت ٻين پنهنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون ميڊيڪل ڪيمپ جي موقعي تي ايس ڊي او صدر انجنيئر حبيب الله ميمڻ جنرل سيڪريٽري رمضان ميمڻ ڊاڪٽر عبدالغفار ميمڻ ڊاڪٽر طارق ميمڻ انور عباس ميمڻ ۽ ٻين چيو ته موجوده مهانگائي جي دور ۾ غريب ماڻهو علاج جي سهولتن کان محروم ٿي ويو آهي جڏهن ته هن وقت ڪراچي شهر ۾ وائرل بخار تيزيءَ سان پکڙجي رهيو آهي جنھن لاءِ اسان جي ڪوشش آهي ته بي پهچ ماڻهن تائين رسائي ڪري عام ماڻهن جي طبعي چڪاس ڪري انساني جسم ۾ موجود جي بيمارين جي آگاهي توڙي سندن علاج جون سهولتون فراهم ڪري سگهون اڄ جي ڪيمپ ۾ وڏي تعداد ۾ وائرل بخار ۽ اسڪن جي بيماري جا نوان مريض سامهون آيا آهن جن کي اڳ ۾ ان بيماري جي ڄاڻ نه هئي اسان کين بروقت طبعي امداد توڙي دوائون ڏنيون آهن، سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن پاران لڳايل ميڊيڪل ڪيمپ جي دوري جي موقعي مختلف سياسي سماجي شخصيتن اي ڊي سي ملير بشير احمد ميمڻ يامين خاصخيلي عبدالقادر درس انجنيئر اشرف ميمڻ ۽ ٻين دورو ڪري انتظامن جو جائزو ورتو ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته موجوده مهانگائي جي دور ۾ عام ماڻهن تائين علاج جون سهولتون فراهم ڪرڻ تي سوشل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي ٽيم جس ڏيون ٿا، اڳوڻن چيو ته ملير ۾ موجود ٻيون به سماجي تنظيمون ٻهراڙين جي ماڻهن جي ڀلائي لاءِ اهڙين ميڊيڪل ڪيمپون لڳائي وڌ کان انسانيت جي خدمت جي جذبي سان اڳتي وڌي پاڻ مڃائين،