امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..

عبدالفتاح عباسي

 امام حسين عليه السلام جي صبر ۽ شڪر کي لک سلام ..

هجري سال جو شروعاتي مهينو ماهِ محرم الحرام جڏهن به ايندو آهي ته ڪربلا وارن جي ياد تازي ٿي ويندي آهي. شهداءِ ڪربلا خاص ڪري نواسه رسول ، جگر گوشه بتول، امام عالي مقام حضرت سيدنا امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جي بارگاهه ۾ ايثال ثواب جي لاءِ هر جاءِ محفلون منعقد ڪيون وينديون آهن. جتي عالم سڳورا پنهنجي وعظ تقريرن ۾ پنهنجي پنهنجي انداز ۾ ڪربلا جا پرسوز واقعات بيان ڪندي نه صرف انهن سان عقيدت ۽ محبت جو اظهار ڪيو ويندو آهي پر انهن جي نقش قدم تي هلندي اسلام جي سر بلندي جي لاءِ هر قسم جي قرباني پيش ڪرڻ جو جذبو بيدار ڪيو ويندو آهي. هڪ دفعي حضرت امام حسن رضي الله تعاليٰ عنه ۽ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه پنهنجي نانا سائين حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جي خدمت ۾ پيش ٿيندي ڪلهن مبارڪن تي سوار ٿي ويهي رهيا، هڪ غلام عرض ڪيو ته ؛ صاحبزاده توهان جي سواري ڪيڏي نه پياري سواري آهي ؟  جنهن تي آقا يارسول الله صلي الله عليه وسلم  فرمايو ته ؛ ۽ سوار به ڪيڏا پيارا آهن.اهڙي طرح آقا ڪريم صلي الله عليه وسلم سجدي ۾ هيا ته امام حسن رضي الله عنه پٺي مبارڪه تي ويهي رهيا، آقا ڪريم مديني جا شهنشاهه صلي الله عليه وسلم پنهنجي سجدي کي طويل ڪري ڇڏيو ڇاڪاڻ ته متان مٿي سر مبارڪ ڪريان ۽ اٿان ته ٻچڙو شهزادو ڪري نه پئي.سرڪار مدينه صلي الله عليه وسلم فرمايو ته ؛ امام حسن رضه ۽ امام حسين رضه اسانجا هيءُ ٻئي پٽ جنت جي جوانن جا سردار آهن ۽ فرمايائون ته انهن جو دوست اسان جو دوست ، انهن جو دشمن اسان جو دشمن آهي ۽ فرمايائون ته ؛ هيءُ ٻئي عرش جون تلوارون آهن ۽ فرمايائون ته “ حسين مون مان آهي ۽ مان حسين مان آهيان ، الله دوست رکي انهيءَ کي جيڪو حسين کي دوست رکي. هڪ ڏينهن حضور پر نور صلي الله عليه وسلم جن جي ساڄي پاسي جي ڪڇ ۾ پنهنجو پيارو ڏوهٽو حضرت امام حسين رضي الله عنه  ۽ کاٻي پاسي جي ۾ پنهنجو فرزند پٽ حضرت ابراهيم رضي الله عنه ويٺا هئا.حضرت جبرئيل عليه السلام حاضر ٿيندي عرض ڪيو ته انهن ٻنهي مان هڪ الله جي سڏ طرف وڃڻ پسند ڪريو، جنهن تي پياري آقا ڪريم ﷺ حضرت امام حسين رضي الله عنه جي جدائيءَ بجاءِ پنهنجي فرزند حضرت ابراهيم رضي الله تعاليٰ عنه جي لاءِ ها ڪئي ۽ ٽن ڏينهن بعد سندن جو فرزند پڙدو مٽائي ويو.انهيءَ واقعي کانپوءِ جڏهن پاڻ ڪريمن ﷺ جي خدمت ۾ حضرت امام حسين رضي الله عنه ايندا هئا ته پاڻ فرمائيندا هئا مرحبا ڀلي ڪري آيا جنهن تي مان پنهنجو پٽ قربان ڪيو. ۽ فرمائيندا هئا ته ؛ “ هيءُ ٻئي منهنجا پٽ ۽ منهنجي ڌيءَ جا پٽ آهن، الاهي ! مان انهن کي دوست رکان ٿو تون به انهن کي دوست رک ۽ انهيءَ کي دوست رک جيڪي انهن کي دوست رکن. آقا ڪريم رحمت عالميان ﷺ پنهنجي نياڻي فاطمته الزهريٰ رضي الله تعاليٰ عنها کي فرمايو ته ؛ منهنجي ٻنهي پٽن کي وٺي اچ پوءِ ٻنهي کي سنگهندا هئا ۽ سيني پاڪ سان لڳائيندا هئا. گهر لٽانا جانِ دينا ڪوئي تجهه سي سيکهه جائي، جان عالم هو فدا اي خاندانِ اهل بيت. امام احمد سيدنا علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله عنه کان روايت آندي اهي ته ان فرمايو ته ؛ مان هڪ ڏينهن حضور نبي ڪريم ﷺ جن جي دربار ۾ حاضر ٿيس ته سندن اکيون مبارڪ هنجون هاري رهيون هيون مون عرض ڪري پڇيو ته آقا يارسول الله ﷺ ! اوهان کي ڪهڙو غم روئاري رهيو آهي ؟ فرمايائون ته “ هائو مون وٽان هاڻي جبرئيل عليه السلام اٿي ويو آهي جنهن مون کي ٻڌايو آهي ته حسين رضه فرات جي ڪناري تي شهيد ڪيو ويندو ۽ مون کي چيائين ته ” ڇا اوهان پسند فرمايو ٿا ته مان اوهان کي ان شهادت جي جاءِ واري مٽي سنگهايان ؟ “ مون چيو ته هائو” پوءِ جبرئيل عليه السلام هٿ ڊگهو ڪري ان مٽيءَ مان مٺِ ڀري مون کي ڏني، اها سنگهي ۽ ڏسي مان اکين کي روئڻ کان روڪي نه سگهيس. ابن سعد ۽ ٻين حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله عنه کان روايت آندي آهي ته پاڻ صفين جي علائقي ڏانهن ويندي ڪربلا جي ميدان کان لنگهيا ۽ پڇيائون ته هن سرزمين جو نالو ڇا آهي ؟ ڪنهن عرض ڪيو ته “ ڪربلا ” فرمايائون ته ڪرب ۽ بلا ، ڏک ۽ مصيبت جي سرزمين ، پوءِ اتي لهي هڪ وڻ وٽ نماز پڙهيائون ۽ فرمايائون ته “ هتي ڪجهه فرد شهيد ٿيندا جيڪي اصحابن شهيدن کان سواءِ ٻين سڀني شهيدن کان ڀلا هوندا ۽ بنا حساب جي بهشت ۾ داخل ٿيندا” .پوءِ اتي هڪ مخصوص جاءِ ڏانهن اشارو ڪندي فرمايائون “ هتي شهيد ٿيندا ” اهو  ٻڌي اتي جي رهڻ وارن ڪنهن شيءِ سان ان جاءِ تي نشان ڪري ڇڏيو ۽ ڪربلا جي واقعي کان پوءِ ڏٺائون ته اتيئي حضرت امام حسين رضي الله عنه شهيد ڪيل هو.روايت آهي ته حضرت علي المرتضيٰ شير خدا رضي الله عنه جن گهڻو ڪري چوندا هئا ته مون پنهنجي سڄي عمر ۾ تي صدما تمام سخت سٺا آهن  “1 " حضور عليه الصلوات والسلام جن جي منهنجي اکين اڳيان رحلت “  2 ” فاطمته الزهريٰ جي رحلت  “ 3 ”  پياري پٽ حسين جي شهادت جي پنهنجي حياتيءَ ۾ خبر ٻڌڻ، جو رسول الله ﷺ جن فرمايو ته ؛ جبرئيل مون کي ٻڌايو آهي ته حسين فرات جي ڪناري تي شهيد ڪيو ويندو. يزيد لاءِ بيعت ڪرڻ کان انڪار جو سبب ؛ علماءَ ڪرام لکيو اهي ته يزيد بي دين، ظالم ۽ گمراهه هجڻ جي ڪري بيعت جو لائق ئي نه هو، ان جي ڪري حضرت امام حسين رضي الله عنه نه سندس بيعت ڪئي ۽ نه سندس حڪمرانيءَ کي تسليم ڪيو.حضرت شاهه ولي الله محدث دهلوي عليه الرحمته حديث مبارڪه يعني ان کان پوءِ گمراهيءَ ڏانهن سڏيندڙ پيدا ٿيندا جي وضاحت ڪندي لکيو آهي ته گمراهيءَ ڏانهن سڏيندڙ شام ملڪ ۾ يزيد ۽ عراق ۾ مختار هو، علامه شيخ عبدالحق محدث دهلوي عليه الرحمت لکيو آهي ته اسان وٽ يزيد نهايت برو ۽ ناپسنديده انسان آهي هن امت ( محمديه ) ۾ جيڪي ڪم ان بدبخت ڪيا ٻئي ڪنهن به نه ڪيا، اهڙي نااهل ۽ نالائق جي بيعت نه ڪرڻ حضرت امام حسين رضي الله تعاليٰ عنه جو اعليٰ ڪردار آهي. جڏهن حضرت امام حسين  رضي الله عنه يزيد جي بيعت کان انڪار ڪري گهر پهتو ۽ مديني منوره مان نڪرڻ جو ارادو ڪيائين ته اها خبر سندس پوئتي ڀاءُ محمد بن حنفيه رضي الله عنه ٻڌي ۽ کيس مشورو ڏيندي عرض ڪيائين ته “ جيڪڏهن هروڀرو اوهان هتان وڃون ٿا ته يزيد ۽ سندس شهر کان پري رهجو، ماڻهن ڏانهن حق تي هلڻ جي لاءِ قاصد موڪلجو، جيڪڏهن اوهان جي سڏ کي قبول ڪري اوهان جي اطاعت ڪن ته الله جل شانه جو حمد ڪجو ۽ جيڪڏهن نه مڃين ته انهن جي نه مڃڻ جي ڪري اوهان جو دين ، عقل ۽ ماڻهپو گهٽ نه ٿيندو. اوهان انهن سڀني نعمتن کان ڪم وٺي پنهنجو مرتبو ،مانُ ۽ فضيلت برقرار رکجو، مونکي ڊپ ٿو ٿئي ته متان اوهان ڪنهن شهر ۾ يا ڪنهن قوم وٽ وڃو ته اهي اوهان جا مخالف ٿي اوهان کي تڪليف نه پهچائين. جڏهن حضرت امام عالي مقام امام حسين رضي الله عنه کيس کولي ٻڌايو ته “ مان مديني منوره مان هجرت ڪري وڃان پيو ” .تڏهن ان کيس عرض ڪيو ته “ پوءِ مڪه مڪرمه ۾ رهجو جيڪڏهن اتي به اوهان کي تنگ ڪن ته پوءِ جهنگل ، جبل ۽ واريءَ جا دڙا وسائجو شهر مٽائيندا رهجو انتظار ڪجو ته ڪٿي ٿو معاملو پهچي”.حضرت امام حسين رضي الله عنه ان کي چيو ته “ اوهان شفقت ڀريون نصيحتون ڪيون آهن اميد آ ته اوهان جي راءِ صحيح نڪرندي ۽ ان تي هلڻ جي توفيق نصيب ٿيندي. حسيني وصيت ؛ جڏهن محمد بن حنفيه رضي الله عنه پنهنجي پياري ڀاءُ سان گفتگو ڪري فارغ ٿيو ۽ پاڻ کيس مثيون جواب ڏنائين ته ٻنهي ڀائرن هڪ ٻئي ڏانهن پيار سان نهاري روئي ڏنو، ڪجهه وقت کانپوءِ حضرت حسين رضي الله عنه قلم ڪاغذ گهرائي پنهنجي طرفان ڀاءُ کي هيٺ ذڪر ٿيندڙ وصيت لکي ڏني. بسم الله الرحمن الرحيم يعني ؛ هيءَ اها ( لکت۾ ) وصيت آهي جيڪا حسين بن علي بن ابي طالب پنهنجي ڀاءُ محمد جيڪو ابن الحنفيه سان مشهور آهي کي ڏني آهي ، يقينن حسين شاهدي ڏي ٿو ته الله هڪ کان سواءِ ڪو به عبادت جو لائق نه آهي ،اهو هڪ آهي انجو ڪو به شريڪ نه آهي ۽ يقينن حضرت محمد ﷺ ان جو ٻانهو ۽ رسول آهي.جنھن ان اللھ وٽان حق جو پيغام آندو آهي ۽ بلاشڪ بهشت به حق آهي ۽ دوزخ به حق آهي ۽ يقينن قيامت اچڻي آهي ان ۾ ڪوبه شڪ نه آهي ۽ نه انهيءَ ۾ ڪو شڪ آهي ته الله تعاليٰ قبرن وارن کي قيامت جي ڏينهن اٿاريندو ۽ مان يزيد جي خلاف فساد ڪندڙ ۽ ظالم ٿي نه نڪتو آهيان مان نه صرف پنهنجي ناني حضرت محمد مصطفيٰ ﷺ جي امت جي سڌارڻ لاءِ ميدان ۾ آيو آهيان منهنجو ارادو آهي ته چڱائي چوان برائيءَ کان روڪيان ۽ پنهنجي نانا محمد  ﷺ ۽ بابي علي بن ابي طالب جي سيرت ( نقش قدم) تي هلان، پوءِ جنهن حق قبول ڪرڻ جي ڪري مون کي قبول ڪيو ته الله تعاليٰ حق جو وڌيڪ سنڀاليندڙ آهي ۽ جنهن منهنجي هن ڳالهه کي رد ڪيو ته مان صبر ڪندس تانجو الله تعاليٰ مون ۾ ۽ منهنجي قوم ۾ حق جو فيصلو ڪري ۽ اهو الله تعاليٰ ٻين سڀني حاڪمن کان ڀلو آهي. اي منهنجا ڀاءُ هيءُ تو وٽ منهنجي وصيت آهي ۽ منهنجي توفيق به الله تعاليٰ جي ڪرم سان آهي، ان تي ئي توڪل ڪئي اٿم ان ڏانهن ئي موٽان ٿو.مدينه منوره جا منظر ، نبوي مسجد ۽ ان ۾ رياض الجنت جهڙا مقدس حصا ڇڏڻ آسان نه آهن ، اسانجو ته سڀ ڪجهه مدينه منوره ۾ ئي آهي. تڏهن ته عشاق مدينو پاڪ ڇڏڻ وقت زار و قطار روئيندا وري وري در اقدس جي حاضري جي تمنا خواهش ۽ آرزو ڪندا رهندا آهن.