ملير: گلشن حديد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، علائقي واسين جو احتجاجي مظاهرو

پهرين نوڪرين مان نيڪالي ڏئي فاقاڪشي ۾ مبتلا ڪيو ويو، هاڻي پيئڻ ۽ ٻيون سهولتون به کسيون پيون وڃن: رهواسي

ملير: گلشن حديد ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران، علائقي واسين جو احتجاجي مظاهرو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) گلشن حديد جا لکين رهواسي پيئڻ جي پاڻي کان محروم، علائقي واسين طرفان پاڻي بند ڪرڻ خلاف اسٽيل مل جي بلک واٽر سپلائي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ۽ ڌرڻو، اسٽيل مل انتظاميا خلاف سخت نعريبازي، پھري نوڪرين مان جبري نيڪالي ڏني وئي ، بعد ۾ گهر خالي ڪرائي تعليم ۽ صحت جي سهولتون ختم ڪيو ويو ۽ هاڻي پاڻي بند ڪيو ويو آهي سنڌ جي حڪمرانن اکيو پوري ڇڏيون آهن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي جيڪڏهن پاڻي بحال نه ڪيو ويو احتجاجي تحريڪ هلائنداسين اڳواڻ، تفصيل موجب استيل ملز انتظامیا گلشن حديد جي لکين رهواسين کي پيئڻ جي پاڻي کان محروم ڪري ڇڏيو آهي جنهن خلاف ڪالھ علائقي واسين يوسي چيئرمين صفدر حيات، خدا بخش پٺاڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ اسٽيل مل جي بلک واٽر سپلائي گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهرو ڪندڙن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر هئا جيڪي پاڻي ناهي ڇو ڀلا ڪربلا ڪربلا ۽ ظالمو ظلم بند ڪريو پاڻي بحال ڪريو جا نعرا هڻي رهيا هئا ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو آهي ته اسٽيل مل انتظاميا پاڻي بند ڪري ظلم جي انتها ڪري ڇڏي آهي هن چيو ته پھريان نوڪرين مان ڪڍيو ويو، بعد گهر خالي ڪرائي تعليم ۽ صحت جي سهولتون ختم ڪيو ويو ۽ هاڻي پاڻي بند ڪيو ويو آهي سنڌ جي حڪمرانن اکيو پوري ڇڏيون آهن ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي جيڪڏهن پاڻي بحال نه ڪيو ويو احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي