English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ گڏجاڻي ٿي گذري
views
|
02nd Jan 2025
•
سنڌي خبرون
گڏجاڻي دوران گذريل پوليو مھم جي ڪارڪردگي ۽ اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو
ٺٽو(شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو جي صدارت ھيٺ گذريل پوليو مھم جي ڪارڪردگي ۽ پيشرفت جو جائزو وٺڻ بابت دربار ھال مڪلي ۾ گڏجاڻي منعقد ٿي، جنھن ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر اعجاز علي ھاليپوٽو، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ڊاڪٽر صفدر علي شاھ، ڊي ايس پي وحيد لاڙڪ، ايڊيشنل ڊائريڪٽر سوشل ويلفيئر خدا بخش بھراڻي، ڊي اي او سيڪنڊري حضور بخش خاصخيلي، اي ڊي اي او پرائمري محمد حسن سومرو، اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر عامر حسين، اميونائزيشن آفيسر ڊبليو ايڇ او ڊاڪٽر لائقہ، ڊسٽرڪٽ مينيجر يونيسيف سجاد حيدر ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي عمدارن کان علاوہ مرف، پي پي ايڇ آءِ سميت مختلف اين جي اوز جي نمائدن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي جي صدارت ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منور عباس سومرو چيو تہ پاڙيسري ضلعن ۾ پوليو جا ڪيس ظاھر ٿيڻ باوجود ضلعو ٺٽو پوليو کان پاڪ آھي جنھن جو ڪريڊٽ صحت کاتي سميت سمورن لاڳاپيل ادارن جي عملدارن ۽ پوليو ورڪرن ڏانھن وڃي ٿو جن پنھنجي اڻٿڪ محنت ۽ جدوجهد ڪري ھن ضلعي کي پوليو کان پاڪ رکيو آھي. ھُن گذريل پوليو مھم دوران بھترين ڪارڪردگي تي کين ساراھيندي ايوارڊ ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو. ڊپٽي ڪمشنر اُميد ڏيکاري تہ آئندہ پوليو مھم دوران پڻ وڌيڪ محنت، سچائي ۽ نيڪ نيتي سان ھر ٻار کي پنھنجو ٻار سمجهي کين پوليو جا ڦڙا پيارڻ ۾ ڪابہ ڪسر نہ ڇڏي ويندي. ھن کين ھدايت ڪئي تہ انڪاري ٻارڙن تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏئي ھر صورت ۾ پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياريا وڃن تہ جيئن کين ھميشہ جي معذوري کان محفوظ بڻائي سگهجي. گڏجاڻي ۾ مهم دوران درپيش چيلنجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي ۽ مستقبل لاءِ لائحه عمل جوڙيو ويو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ٺٽو
منور عباس سومرو
0 تبصرے