حڪمرانن سموري سنڌ کي ڦري لٽي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: رياض چانڊيو

رياض چانڊيو جي اڳواڻي ۾ جيئي سنڌ محاذ جو وفد ڳوٺ موسيٰ نوتيار پهتو

حڪمرانن سموري سنڌ کي ڦري لٽي تباهه ڪري ڇڏيو آهي: رياض چانڊيو

ٺٽو( شفيق ڀٽي) گذريل ڏينهن جسم چئيرمين رياض چانڊيو وائيس چئيرمين نواز شاه ڀاڏائي مختلف سياسي سماجي توڙي صحافين جي هڪ وفد سان ٺٽو لڳ 103 موري ڀرسان ڳوٺ موسو نوتيار پهتو جتي پنج ڏينھن اڳ قديمي ڳوٺاڻن سان بااثرن جي چرچ تي ٺٽو پوليس ۽ روينيو ٺٽو پاران گڏيل ڪاروائي ذريعي ڪيل جبر جو زميني جائزو ورتو ڏاڍ جو شڪار ٿيل ڳوٺاڻن سان گڏ جسم چئيرمين رياض چانڊيو ميڊيا آڏو ڳالهائيندي چيو حڪمران ٽولي سڄي سنڌ لٽي تباه ڪري ڇڏي آھي هن چيو ته علي حسن زرداري به ان قبضا مافيه ۽ لٽيرن جو وڏو ليڊر آهي جيڪو ٺٽي جي ماڻهن کي ڪوڙا خواب ڏيکاري ٿو ٺٽي جا ماڻهون ايندڙ وقت ۾ ان جو نتيجو لوڙهيندا جنهن جي شروعات هاڻ کان ٿي رهي آهي ٺٽي جي ماڻهن لا۽ ايندڙ وقت وڏو برو ثابت ٿيندو هن چيو ته ڳوٺ موسا نوتيار مٿان جيڪو ظلم ستم ۽ جبر ٿيو ان جا پيرا به محسن هائوس ڏانهن پيا وڃن جسم چئيرمين چيو ته علي حسن زرداري ٺٽي ۾ مڪمل مقامي وڏيرن توڙي ميڊيا کي خريد ڪري ڇڏيو وڏيرن جي مدد سان پاڻ ماڻهن کان ڳوٺ خالي ڪرائي پيو جنهن جو تازو مثال 103 موري لڳ ڏاڍ سبب ويران ٿيل هي ڳوٺ آهي وسندڙ ڳوٺ کي ويران ڪرائڻ وارو جي مٿين ليول جي پهچ آهي جيڪا سهولتڪاري هائوس ۾ پئي ٿئي ڳوٺ موسا نوتيار رهندڙ نوتيار برادري جا گهر اجاڙيندڙن وڏو ظلم ڪيو آهي جنهن سبب ظلم جا ستايل ڳوٺاڻا ڳوٺ ڇڏي ڀر واري ٻئي ڳوٺ عمر نوتيار ۾ پناھ وٺي پيا آهن جسم چئيرمين متاثر ڳوٺاڻن کي يقيق ڏياريو آھي قومي جئي سنڌ معاذ ھر موڙ تي ساڻن گڏ آھي ڳوٺاڻن کي اڪيلو نہ ڇڏينداسين. جئي سنڌ محاذ ٺٽو جو وفد ھر صورت ۾ بي گهر ڳوٺاڻن سان گڏ آھي. ٻئي پاسي جئي سنڌ محاذ جي وفد نوتيار ڳوٺ ۾ فائرنگ دوران شھيد ٿي ويل تپيدار علمدار عرف جھانگير شاہ جي سجاول ۾ وڇايل تڏي تي سندس پونئيرن صحافي نزاڪت شاہ ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي ان موقعي تي جسم چئيرمين جي نگراني ۾ آيل وفد تپيدار جي خون سان انصاف ٿيڻ تائين جھدوجد ۽ ساٿ ڏيڻ جي يقين ڌياني پڻ ڪرائي آھي ان موقعي تي جسم ٺٽو جو صدر امجد شورو سيد سرور شاه ڀاڏائي نبن خشڪ نظير خشڪ صحافي اي بي شورو صالح خشڪ ،علي محمد درس ۽ ٻيا اڳواڻ موجود هئا.