ملير جي علمي ادبي کيتر ۾ جڏهن خاموشي راڪاس بڻجي راڄ ڪري رهي هئي ۽ تقريبن سماجي تنظميون اين جي اوز ۾ تبديل ٿي ڪري محدود ۽ ماٺيون ٿينديون پئي ويون ته اهڙي ماٺار ۾ سامي سيلا بند ٿي ميدان تي آيو ۽ عوامي پريس ڪلب ملير جي پليٽ فارم تان هن موت مثل ماٺار کي مات ڏيڻ لاءِ وسيع پيماني تي علمي، ادبي ۽ صحافتي سرگرميون شروع ڪيون جنهن ۾ پھريون ڀيرو حيات هيروز کي آجياڻا ڏئي کين مڃتا ايوارڊ ۽ مرحياتن لاءِ ورسيون سندن ياد ۾ ڏھاڙا ملھائڻ جو سلسلو شروع ٿيو ساڻ گڏ پنهنجن ماڳن مڪانن کي بچائڻ ۽ حڪمرانن جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ عملي ڪوششون ورتون ويون جنهن ۾ عوامي پريس ڪلب سنڌ جي ثقافتي ڏينهن کي لطيف جي سورمي مائي موکي جي قبر تي وڃي ملھائڻ شروع ڪيو لڳاتار چئين سالن کان پوءِ حڪومت بيدار ٿي ۽ موکي جي مزار کي تعمير ڪري اُتي چوڪيدار مقرر ڪيو
تنهن کانپوءِ عوامي پريس ڪلب ملير موکي سان منسوب متارن جي ماڳ نارا ٿر جبل تي ثقافتي پروگرام ڪري متارن جي قبرن ۽ نارا ٿر جبل کي تحفظ فراھم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو جنهن سبب حڪومت ڄاڻايل ماڳ کي سروي ۾ شامل ڪيو آھي.
عوامي پريس ڪلب ملير نئين روايتن جو امين پڻ آھي جنهن تحت هر سال نومبر ۾ ملير مشاعرو ڪرائندو اچي جنهن ۾ سنڌ ملير جي شاعرن کي گڏ ڪري سندن حوصلا افزائي ڪرڻ سان گڏ اُسرندڙ شاعرن کي پنهنجون تخليقون نروار ڪرڻ جو موقعو فراھم ڪيو ويندو آھي جڏهن ته عوامي پريس ڪلب سال جو آخري ڏينهن 31 ڊسمبر ملير واسين جي سُرمئي شام جي سري هيٺ ملھائندو پيو اچي.
هر سال جيان هن سال به ملير واسين جي سرمئي شام سمنڊ ڪناري ملھ واري جيٽي تي ملير ڄائي فن جي دنيا جي بيتاج بادشاھ عبدالله ملاح عرف "بي متيو" جي نالي سان منسوب ڪري ملھائي پئي وڃي. استاد عبدالله بي متيو جو تعلق ڪراچي جي قديمي سامونڊي ڳوٺ ابراهيم حيدري سان هو کيس بي متيو جو تخلص سندس امڙ کان مليو جيڪا کيس هٽَ تان تيل وٺي اچڻ لاءِ چوندي هئي عبدالله گيھ وٺي ايندو هو کيس اَنَ وٺي اچڻ لاءِ چوندي هئي ته اٽو وٺي ايندو تنهن ڪري سندس امڙ کيس بي متيو چوندي هئي کيس ڪھڙي ڄاڻ هئي ته اڳتي هلي بي متيو مت وارن کي پنهنجي فن ۽ هنر سان ڏندين آڱريون ڏياري ڇڏيندو.
عبدالله پنهنجي امڙ جي لفظن کي ذھن ۾ محفوظ ڪري پنهنجو پاڻ کي بي متيو سڏائڻ شروع ڪيو. شروع ۾ پاڻ ٽرڪن تي پينٽنگ ڪندو هو پوءِ هوڙن ۽ لانچين تي سهڻا نقش چٽڻ جو ڪم شروع ڪيو سندس هنر ڏسي ڪم وڌي ويو جنهن تي پاڻ پنهنجي پُٽ عزيز سميت سوين بيروزگار نوجوانن کي پينٽنگ جو هنر سيکاري روزگار سان لڳائي ڇڏيو.
استاد عبدالله بي متيو جادوگر به هو مختلف پروگرامن ۾ جادو جا ڪرتب ڏيکاري داد وصول ڪندو هو ۽ گڏوگڏ پاڻ شاعر، موسيقار به هو سندس ڪلام جڳ مشھور فنڪارن استاد محمد جمن، علڻ فقير، حميره چنا. مھناز، استاد جلال چانڊيو، عبدالله پنھور سميت ٻين فنڪارن ڳائي وڏي شھرت ماڻي استاد عبدالله فلم ڊائريڪٽر رائٽر،ميوزيشن،سگھڙ ۽ سازيندو به هو کيس مختلف ساز وڄائڻ تي عبور حاصل هجڻ سان گڏ لطيف سائين جا سوين بيت بر زبان ياد هوندا هئا پاڻ پنهنجي ڊاريڪشن ۾ جڳ مشھور فلم گھاتو گهر نه آيا ٺاھي جنهن ۾ پاڻ اداڪاري جا جوهر ڏيکارڻ سان گڏ فلم ڊاريڪٽر پروڊيوسر ۽ ميوزيشن به هئا گهاتو گهر نه آيا فلم کيس شھرت جي بلندي تائين پهچائي ڇڏيو.
حڪومت طرفان کيس گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو استاد عبدالله ان کانسواءِ مجبور انسان، ويچاري ماءُ، پيار تان صدقي، فيصلو، ملڪيت جو ريشمان ۽ پڪنڪ پارٽي فلمون به ٺاھي وڏي مڃتا ماڻي پر افسوس ثقافت کاتي هن خداداد صلاحيتن جي مالڪ شخص جي ڪڏهن به مالڪي نه ڪئي پاڻ بيماري ۽ ڪسمپرسي جي حالت ۾ 12 جنوري 2005 تي لاڏاڻو ڪري ويو جنهن کانپوءِ ڪنهن به سندس پونئيرن جي واهر نه ڪئي اڄ به سندس پُٽ عزيز جيڪو پاڻ تمام وڏو پينٽر آھي سو 80 گزن جي گهر ۾ ڪسمپرسي واري زندگي گذاري رهيو آھي.
اڄ 31 ڊسمبر تي عوامي پريس ڪلب ملير پاران استاد عبدالله بي متيو کي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ تقريب ڪوٺائي ويئي آھي ۽ اسان مطالبو ٿا ڪيون ته استاد عبدالله بي متيو جي پونيئرن کي ماھوار وظيفو ڏيڻ سان گڏ سندس آخري آرمگاه کي ٺاھي نروار ڪري سندس نالي سان ابراهيم حيدري ۾ آرٽ اڪيڊمي جوڙي وڃي ۽ ھر سال سندس ڏھاڙو ملھائي سندس فن کي عالم آشڪار ڪيو وڃي
0 تبصرے