English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
قومي عوامي تحريڪ جو تڪراري ڪئنال رٿا خلاف نڪتل پيادل مارچ منزل طرف روان دوان, سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا
views
|
20th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد ڊويزن جو 6 نوان ڪئنال ٺاھڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف ڀٽ شاھ کان نڪتل درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ رات جو حيدرآباد ۾ ٽنڊو سعيد خان ۾ ترسڻ بعد چھين ڏينھن مسو ڇلگري اسٽاپ کان پرجوش نعرن ۽ قومي گيتن سان روانو ٿيو، جنھن جي اڳواڻي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفعيہ پليجو، سنڌي مزدور تحريڪ جي جنرل سيڪريٽري امداد پنھور، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن زاھده ڏاھري، نصرت خاصخيلي، ناھيد جوڳي، شازيه احمداڻي، صبا سمون، عذرا رند، سونھن چانڊيو، فضا ملاح،قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن خادم سمون، نظير بليدي، فريد ملاح، معشوق چانڊيو، راجا چانڊيو، آغا عباس، جھانگير ملاح، رفيق ڪنراڻي، زاھد ڀنڀرو، معشوق وگھيو، مبارڪ احمداڻي ۽ ٻين ڪئي. درياھ بچايو سنڌ بچايو پيادل مارچ سڀاڻ 21 اپريل تي قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو جي اڳواڻي ۾ ڪاري موري صائمه پلازه کان حيدرآباد پريس ڪلب طرف روانو ٿيندو. ان موقعي تي خطاب ڪندي قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر ڊپٽي جنرل سيڪريٽري الطاف خاصخيلي چيو تہ سنڌي ماڻھو سجاڳ ٿي ويا آھن، ڪنھن بہ قيمت تي درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نہ ڏيندا. آصف زرداري ڪئنالن جي منظوري ڏئي پيپلز پارٽي جي تابوت ۾ ڪوڪو ٺوڪيو آھي. پيپلز پارٽي سنڌي عوام کي دوکو ڏيڻ لاءِ ڪئنالن خلاف احتجاج ڪري رھي آھي جيڪڏھن پيپلز پارٽي سچي آھي تہ آصف زرداري آرڊيننس جاري ڪري سنڌ دشمن ڪئنالن جو ڪم بند ڪرائي ڇڏي. شھباز شريف جي حڪومت پيپلز پارٽي جي ووٽ سان ھلي رھي آھي. پيپلز پارٽي ڪئنالن خلاف حڪومت کان ڌار ٿي وڃي. حڪومت ۾ ويھي ڪئنالن خلاف احتجاج سنڌ جي عوام سان دوکو آھي. آصف زرداري درياھ سميت سنڌ جا وسيلا وڪڻي رھيو آھي. پٽ کي وزيراعظم بنائڻ لاءِ سنڌو درياھ ۽ ٻين وسيلن جو سودو ڪيو آھي. پيپلز پارٽي جي اجازت سان ارسا چولستان ڪئنال لاءِ پاڻي منظور ڪيو آھي. انڊس رور سسٽم ۾ پاڻي ناھي. ارسا پاڻي تي ڌاڙا ھڻڻ ۾ سھولتڪار آھي. سنڌ حڪومت ۽ پيپلزپارٽي ست ڪروڙ سنڌين کي بيوقوف بنائڻ لاءِ کوکلي مخالفت ڪري رھي آھي. زرداري 8 جولائي تي ڪئنالن جي منظوري ڏني. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر زينت سمون خطاب ڪندي چيو تہ چولستان سميت 6 ڪئنال ٺھي ويا تہ سنڌ دنيا جو وڏو ريگستان بنجي ويندي. لکين ماڻھو بک ۽ اڃ مري ويندا. آصف زرداري ۽ شھباز شريف ڪرپشن ۽ اقتدار خاطر سنڌ کي مال غنيمت بنائي لٽي رھيا آھن. سنڌ جون نياڻيون، نوجوان، ھاري ۽ پورھيت رستن تي اچي پنھنجي درياھ کي بچائين. ھي وقت پنھنجو درياھ ۽ پنھنجي نسلن کي بچائڻ جو آھي. اسان ڪالاباغ ڊيم ٺاھڻ نہ ڏنو ائين ڪئنال بہ ٺاھڻ نہ ڏينداسين. پيپلز پارٽي ھر دور ۾ عوام کي ڪوڙا دلاسا ۽ دوکا ڏنا آھن. 17 سالن کان سنڌ تي مسلط ڪيل پ پ حڪومت سنڌو درياھ، لکين ايڪڙ زمين، ڪينجھر، ڪارونجھر، گورک، تيل، گئس، ڪوئلي سميت سمورا وسيلا کپائي ڇڏيا آھن. سنڌو درياھ تي ڌاڙن سبب سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي. ارسا سنڌ دشمن آھي. مخالفت باوجود چولستان ڪئنال جو ڪم جاري رکڻ جو مطلب پاڪستان صرف پنجاب آھي. سنڌ کي ڪالوني بنايو ويو آھي. ڪوٽڙي کان ھيٺ پاڻي نٿو ڇڏيو وڃي. سمنڊ ٺٽي سميت ساحلي پٽي جي ضلعن جي لکين ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو آھي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽس تحريڪ جي مرڪزي صدر رفعيہ پليجو خطاب ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ اسان جي نسلن جي جياپي جو ذريعو آھي. درياھ نہ رھيو تہ سنڌ بنجر ۽ ڀڙڀانگ ٿي ويندي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن. گرين انيشيٽو سنڌ لاء موت جو منصوبو آھي. خاموش رھياسين تہ 2030 تائين سنڌ ريگستان بنجي ويندي. آصف زرداري کي صرف پنھنجي ذاتي ملڪيت وڪڻڻ جو حق آھي، سنڌو درياھ جي سودي ڪرڻ جو ھن کي ڪو بہ اختيار نہ آهي سنڌ ۾ رھندڙ سموريون ٻوليون ڳالھائيندڙ ماڻهو سنڌو درياھ تي ڌاڙي خلاف جدوجھد ڪن، سنڌ جا ماڻھو ساھ جي آخري ھڏڪي تائين درياھ تي ڌاڙو ھڻڻ نہ ڏيندا. 6 ڪئنال، گرين پاڪستان ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ دشمن اسان جي نسلن جا دشمن منصوبا آھن. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر زاھده ڏاھري خطاب ڪندي ڪندي چيو تہ سنڌو درياھ تي ڌاڙو برداشت نہ ڪيو ويندو. سنڌي ماڻھو ھاڻ سمجھي ويا آھن تہ پيپلز پارٽي حڪومت وٽ ڪرپشن ۽ وسيلن جي ڦرلٽ کانسواءِ ڪجھ ناھي. سنڌ ۾ قانون ۽ انصاف ناھي. سنڌو درياھ اسان جي زندگي آھي. پنجاب سنڌو درياھ تي قاتلانه حملو ڪيو آھي. ڪئنال ٺھيا تہ سنڌ جا ماڻھو پاڻي ڦڙي لاء سڪي ويندا. گرين پاڪستان دراصل گرين پنجاب آھي. ڪڏھن زمينن تي قبضو تہ ڪڏھن وسيلن تي قبضا ڪيا وڃن ٿا، سنڌ جي حقن لاء سڀني کي جدوجھد تيز ڪرڻ گھرجي. پيپلز پارٽي سنڌ دشمن فيصلا ڪري رھي آھي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھ میں متنازع نہر منصوبے کے خلاف احتجاج میں نمایاں شدت
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھو دریاء پر نئے کینالوں کے خلاف جے یو آئی کا بڑا اعلان، سندھ پنجاب بارڈر بلاک کريگے
18th Apr 2025
•
تازہ ترین
خیرپور: ببرلوءِ بائی پاس پر وکلاء کی قيادت میں دریائے سندھ سے نئے کینال نکالنے والے سندھ دشمن فیصلے کے خلاف دھرنا جاری، ہزاروں افراد کی شرکت
16th Apr 2025
•
آرٽيڪلز/ کالمز
مورو پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 10 کان وڌيڪ گرفتار
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھ میں متنازع نہر منصوبے کے خلاف احتجاج میں نمایاں شدت
20th Apr 2025
•
تازہ ترین
سندھو دریاء پر نئے کینالوں کے خلاف جے یو آئی کا بڑا اعلان، سندھ پنجاب بارڈر بلاک کريگے
20th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جو تڪراري ڪئنال رٿا خلاف نڪتل پيادل مارچ منزل طرف روان دوان, سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نعرا
18th Apr 2025
•
سنڌي خبرون
سنڌو درياهه تي نوان ڪئنال ٺاهڻ واري سنڌ دشمن فيصلي خلاف وڪيلن جو ٻٻرلوءِ باء پاس تي ڌرڻو ، هزارين ماڻهو شريڪ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
قومي عوامي تحريڪ
تڪراري ڪئنال رٿا
حيدرآباد
0 تبصرے