استاد عبدالله بيمتيو.فن ۽ فڪر سان مالامال. شخصيت

ايوب شان خاصخيلي

استاد عبدالله بيمتيو.فن ۽ فڪر سان مالامال. شخصيت

ھن دنيا ۾ قدرت ھر قسم جي انسانن جي تخليق ڪئي ، انھن ۾ ھر قسم جو ھنر، ذهانت ۽ فن برپور ھوندو آھي ، پر ڪي ماڻھوءَ پنھنجي قابليت جو اظھار ڪري سگھندا ته ڪي بنا اظھار جي ھن دنيا مان ئي موڪلائي ويندا آھن.

قدرت پاران فن سان مالامال ماڻھن ھر ڏسڻ چاھي ٿو ۽ انھن رھاڻ ڪرڻ جي خواھش جي تمنا به ڪندو آھي.

اھڙن عظيم هستين ۾ استاد عبدالله بي متيو به ھو ، جيڪو ماھي گيرن جي مڇي مياڻ ابراھيم حيدري ، سمنڊ سان لڳ عالياڻي پاڙي جنم ورتو . بي متيو واقعي سج وانگر چمڪندڙ شخصيت ھو .پاڻ 83 سالن تائين ، پنھنجي فن ، ھنرن جي ڪري خوب شھرت به ماڻي, ھن جو جيئڻ ۽ مرڻ به ٻين لاء ھو ، ھميشه ٻين جي ڏک سور کي پنهنجو محسوس ڪري انھن جي مدد به ڪندو ھو، پاڻ اندر جي آواز سان شاعري ڪيائون ، سندس ڪلام مھناز ،حميرہ چنا ، ثمينه ڪنول ، گل زري ، زرينه بيگم ، جلال چانڊيو ، عبدالله پنهور ، موسي حسين سمون ، ظفر علي ، مولا بخش لاسي ۽ پياري بٽ ڳاھي وڏي شھرت ماڻي ، جڏھين ته مھناز پنھنجي ڳائيڻ جي ابتدا استاد عبدالله جي فلم گھاتو گھر نه آيا کان ڪيو.

استاد عبدالله فلم ڊائريڪٽر ، رائيٽر ، شاعر ، سگھڙ ، ھارموني وڄائيندڙ ، بنجو نواز ، سان گڏوگڏ ماھي گير ,واڊو، رازو ، مڪينڪ ، مصور ۽ آرٽ ورڪ جو وڏو ڄاڻو ھو . جادو گر ، ۽ ٽرڪن تي ڊيزائين ڪرڻ. جي فن جو ماھر ھو، سنڌي ادب جي عظيم شخصيت ممتاز مرزا سان ، استاد عبدالله جي گھاٽي ياري هئي ، جنھن ڪري استاد عبدالله جا پنج گيت پي ٽي ويءَ ڪراچي تان به نشر ٿيا، ساڳيءَ طرح استاد عبدالله جون فلمون گھاتو گھر نه آيا ويچاري ماو ، مجبور انسان شامل آھن، استاد عبدالله بي متيو کي فلم گھاتو گھر نه آيا کي حڪومت پاران گولڊ ميڊل سان نوازيو ويو. محدود وسيلن ھوندي به پاڻ فلم پيار تان صدقي ، فيصلو ملڪيت جو ، ريشمان ۽ پڪنڪ پارٽي به تيار ڪيائين ، جنھن کي پڻ گھڻو پسند ڪيو، سچ پچ ته استاد عبدالله ، ھڪ عظيم انسان ھو، ھن پنھجي فن کي پاڻ تائين محدود نه رکيو ،

پر مختلف ھنرن ۽ ٽيڪنڪي حوالي سان سندس کوڙ سارا شاگرد بي آھن ، جنھن ۾ حسني ڇورو ، غلام عباس داداڻي ، اسحاق انجياڻي ، محمد صديق ، استاد رمضان راھي ، علي محمد زھر ، يونس ڇور, يونس عالياڻي ، استاد ھارو ناٿاڻي شامل آھن، سندس آرٽ جي شاگردن ۾ اسحاق محمدآڻي ، علي محمد ، حاجي رمضان ، عزيز ، احمد ھيرو خاصخيلي ۽ قاسم شامل آھن . سندس حياتي جي يارن ۾ انعام ميراڻي ، عثمان ٺيري ، عثمان واڊو ، اسماعيل پٺاڻي ، فتح. ڪائنتاڻي ، محمد بنگل ، يوسف ڦلاڻي ، ممتاز مرزا ۽ ساحل آزاد شامل ھئا، استاد عبدالله پنھنجي نوجواني کان وٺي ماھي گيري سان وابسته رھيو , پو۽ قدرت سندس ذھن ۾ فن ۽ ھنر لاء شوق جاڳايو ، ھن ڪيترن ئي پروگرامن م جادو جا ڪرتب پڻ ڏيکاريا ، شاعريءَ ڪئي ۽ مشاعرن جي. هن زينت بڻيو. غربت ۽ تنگدستي سبب ڪيترين ئي بيمارين گھيرو ڪري ورتو ، جڏھين ته ڪجھ سال اڳ ھارٽ اٽيڪ پڻ ٿي چُڪو ھو . جنھن جو خبرداري سان علاج پڻ ڪرائيندو رھيو .

استاد عبدالله ثقافت کاتي سنڌ ثقافت کاتي ۾ فنڪار جي حيثيت ۾ رجسٽر پڻ ٿيل ھو ، جتان کيس ھڪ بيرو صرف 1500 روپيا مليا ، پاڻ مايوسي ۽ بيماري جي حالت ۾ بستري تي داخل ٿيو ۽ 12 جنوريءَ 2005 ، اربع ڏينهن 12 وڳين لاڏاڻو ڪري ويو، استاد عبدالله بي متيو ، پاڪستان فشر فوڪ فورم جي پروگرامن ۾ پنھنجي حصي جي ڪلچرل زمہ داري پوريون ڪندو ھو ، پاڻ مجيد موٽاڻي ، ايوب شان خاصخيلي ، يوسف ڪڏاڻي ، سامي ميمڻ ، مشتاق بابو تي ھميشه قرب جي نظر ڪندؤ ھو، افسوس سندس ڪلام جو ڪتاب ٻيڙاتا گم ٿيڻ سبب ڇپجي نه سگھو. استاد عبدالله سان منھنجون ڪيتريون ئي ڪچھريون ٿيون ھيون ، ھن کي ماھي گير ڪميونٽي ۾ فن کي جيارڻ ،ماھيگيري جي روزگار جي تيزي سان ختم ٿيڻ جو گهڻو فڪر ۽ ڏک ھو، سندس خواھش ھئي ته ابراھيم حيدري ۾ موسيقي جي اڪيڊمي پڻ قائم ٿيڻ گھرجي، استاد عبدالله بي متيو کان پوء به ابراھيم حيدري ۾ فن، تخليق جو عمل جاري آھي.

اسان جيڪڏھن شاعرن ۾ ڏسون ته محمد لکيو ، ايوب شان ، بابو مشتاق ، امجد علي عاجز ، لوڪل فوڪ فنڪارن ۾ محمد جان ، اظھر شان ، بابو کا ڻيجو ، عبدالله ابو موجود آھن انھيءَ سان گڏ اسان وٽ ليکڪن ۾ ايوب شان خاصخيلي ، طالب ڪڇي ،۽ مجيد موٽاڻي شامل آھن، اسان حڪومت کان به مطابو ٿا ڪريون ته استاد عبدالله جي نالي صدارتي ايوارڊ جاتيٽ ڪيو وڄي، استاد عبدالله جي مزار تعمير ڪرائي وڄي ۽ انھي جي حڪومت ۽ فشر مينز ڪوآپريٽو سوسائٽي پاران ڏتڙيل خاندان جي مالي مدد ڪئي وڄي، آخر ۾ عوامي پريس ڪلب ملير وارن جا به لک ٿورا جيڪي استاد عبدالله بي متيو جي نان، سال جي آخري ڏھاڙي تي ابراھيم حيدري ۾ تقريب ڪري رھيا آھن.