شڪارپور جي لکيدر واري علائقي ۾ قتل ٿيل محسن عرف گل دايو واري واقعي جو ڊراپ سين

محسن عرف گل دايو جي قتل ۾ سندس دوست رضا احمد شيخ ملوث نڪتو، کيس گرفتار ڪيو ويو آهي: پوليس

شڪارپور جي لکيدر واري علائقي ۾ قتل ٿيل محسن عرف گل دايو واري واقعي جو ڊراپ سين

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي لکيدر جي علائقي ۾ قتل جو ڊراپ سين، دوست ئي قاتل نڪتو، 4 ڪلاڪن ۾ بي نقاب، جوابدار ڏوھ جو اعتراف ڪري ورتو، قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار ۽ ڪار هٿ، جوابدار رضا محمد شيخ ٻين ساٿين سان گڏجي پنهنجي دوست محسن عرف گل دايو کي پيسن جي ڏي وٺ جي معاملي تان گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ لاش علوي باغ بيگاري روڊ تي اڇلائي فرار ٿي ويا. ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ڪو نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او لکيدر کي جلد جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو. ترجمان پوليس لکيدر ٿاڻي جي ايس ايڇ او طارق حسين کوسو پنهنجي ٽيم سان گڏ هيومن انٽيلي جنس استعمال ڪندي4 ڪلاڪن ۾ قاتل جو پتو لڳائڻ ۾ ڪامياب.جوابدار اعتراف ڪندي چيو ته مقتول محسن دايو ڏي پيسن جي ڏي وٺ جا 10 لک رپيا هئا رقم نه ڏيڻ تي سندس ساٿين امجد حسين شيخ، اشفاق احمد شيخ ۽ احسان شيخ سان گڏجي قتل ڪرڻ جو منصوبو ٺاهيو هو. مارجي ويل محسن عرف گل دايو ۽ گرفتار جوابدار رضا احمد شيخ ٻئي موبائل فون وڪرو ڪرڻ جو ڪاروبار ڪندا هئا. ايس ايس پي شڪارپور جو چوڻ هو ته پوليس متحرڪ جوابدار جي ٻين ساٿين کي به جلد گرفتار ڪيو ويندو. عوام جي زندگين سان کيڏڻ وارا ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن. مقتول جي وارثن کي مڪمل انصاف فراهم ڪيو ويندو. بروقت جوابداي گرفتار ڪرڻ تي ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ايس ايڇ او ٿاڻي لکيدر پوليس طارق حسين کوسو ۽ سندس ٽيم کي شاباسي ڏني.