سيدساجد علي نقوي ۽ علامه راجا ناصر عباس جي سڏ عمرڪوٽ، سامارو ۽ ٻين شهرن ۾ ريليون
عمرڪوٽ(ڊ ر) پارا چنار جي صورتحال خلاف عمرڪوٽ شهر سميت سڄي ضلعي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍي۽ مظاهرا ڪياويا تفصيل موجب۔ شيعه علماء ڪائونسل قائد ملت جعفريه سيدساجد علي نقوي ۽ متحده وحدت مسلمين جي سربراهه علامه راجا ناصر عباس جي سڏ تي مرڪزي امام بارگاه الحسيني ڪنري کان پريس ڪلب تائين علامه حيدرعباس،اسدعلي شاه ڪاظمي،محرم علي جعفري،زولفقارعلي رندجي اڳواڻي ۾ ۔ پارا چنار ۾ اھلتشيع شيعن جي قتل عام ۽ موجوده صورتحال خلاف ۽ پارا چنار جي عزادارن سان يڪجهتي لاءِ سامارو شهر ۾ ذوالفقار علي شاھ جي اڳواڻي ۾ بخاري امام باگاھ مان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي عمرڪوٽ شهر ۾ مرڪزي امام بارگاه پنج پير کان وڏي ريلي ڪڍي وئي هين احتجاجي ريليءَ جي اڳواڻي علامه ارشاد علي عرفاني ۽ پنج پير امام بارگاهه جي متولي عباس شاهه جي اڳواڻي ۾ سڄي ملڪ ۾ مرڪزي قيادت پاران احتجاج جو سڏ ڏنل هو، جنهن جي جواب ۾ اسان اڄ گڏ ٿيا آهيون، پارا چنار راهداري تي عوام جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي پارا چنار ۾ 78هين ڏينهن به خوراڪ جي کوٽ ۽ دوائن جي عدم دستيابي ۽ کوٽ آھي ۽ روڊ رستا بند آهن
0 تبصرے