ڪشمور: انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويا، جوابدار فرار

نور حسن ٻچن جي پيٽ گذر لاءِ گهران نڪتو هو، کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي: وارث

ڪشمور: انڊس هاءِ وي تي هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مارجي ويا، جوابدار فرار

ڪشمور (ڊ ر) ڪشمور ٿاڻي جي حد انڊس ھائي وي گريڊ اسٽيشن سامھون نامعلوم ھٿيار بندن جي فائرنگ ۾ جکراڻي برادري سان تعلق رکندڙ نوجوان قتل ھٿياربند باآساني فرار ٿي ويا پوليس خاموش تماشائي بڻيل، تفصيل موجب :- ڪشمور يوسي لائين پراڻي جي ڳوٺ عبدالستار جکراڻي جي رھواسي واپاري نور حسن جکراڻي ولد حاجي دوستين جکراڻي کي مسلح هٿيار بندن گرڊ اسٽيشن وٽ ٽي ڳوليون هڻي سخت زخمي ڪري ڇڏيو شهرين زخمي نوجوان کي کڻائي تعلقه اسپتال ڪشمور پهچايو جتي زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو جتي ڊاڪٽرن پاران فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي ڊاڪٽرن پاران ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو 15 مددگار آفيس ڪجهه مفاصلي تي ھوندي به پوليس واقعي واري ھند نه پھتي وارثن جو چوڻ ھو ته اڄ صبح جو سويري ٻچن جي روزي لاء مال جي واپار ڪرڻ لاء گھران نڪتو جنهن کي بي ڏوھ ظالمن قتل ڪيو آهي جڏهن چوٻول آهن ته واقعو پراڻي تڪرار تان پيش آيو آهي جيڪو ڪافي سالن کان بنگوار ۽ جکراڻي برادري وچ ۾ ھلندڙ آهي تنھن سبب واقعو پيش آيو آهي فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي گھر اندر ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ سوڳ واري صورتحال ڇائنجي وئي آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل ناھي ٿي سگھيو