دبئي ۾ حسين ٿيٻو کي اعزازي ڊاڪٽريٽ سان نوازڻ جي پروقار تقريب
دبئي: گڏيل عرب امارات ۾ هڪ شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سنڌ ڄائي سينيئر صحافي ۽ اسٽريٽجڪ افيئرز اينالسٽ حسين ٿيٻو کي صحافتي ۽ انساني خدمتن جي اعتراف ۾ آمريڪي يونيورسٽي Cetacea پاران اعزازي ڊاڪٽريٽ ڊگري سان نوازيو ويو. تقريب ۾ يونيورسٽي جي انتظاميا سان گڏوگڏ پاڪستان جي قونصل جنرل محمد حسين مهمان خاص طور شرڪت ڪئي.
مهمان خاص محمد حسين چيو ته، "اسان جي ملڪ کي حسين ٿيٻو جهڙا صحافي گهربل آهن، جيڪي پنهنجي صلاحيتن سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ٿا، ۽ انهن جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.
حسين ٿيٻو پنهنجي 21 ساله صحافتي ڪيريئر دوران ڪيتريون ئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. هن پنهنجي صحافتي سفر جي شروعات فيلڊ ورڪ سان ڪئي ۽ جلدي ئي پنهنجي محنت ۽ صلاحيتن سان مڃتا ماڻي. هڪ ڪالم نگار طور هن ڪيترن ئي قومي ۽ بين الاقوامي اردو ۽ انگريزي اخبارن ۾ لکڻ شروع ڪيو، ۽ سندس ڪالم اڄ به ڪيترن ئي ويب سائيٽن تي موجود آهن. صحافتي ميدان ۾ مختلف شعبن ۾ پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنيون ۽ هڪ اينڪر پرسن طور ڪيترن ئي سندي ۽ اردو چينلز تي ميزباني جا فرائض ادا ڪيا.
حسين ٿيٻو ڪيترين ئي قومي ۽ بين الاقوامي صحافتي تنظيمون جو رڪن آهي ۽ ڪيترن ئي عالمي سيمينارز ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪري چڪو آهي. هو پاڪستان جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو به الومني ميمبر آهي.
سينيئر صحافي حسين ٿيٻو ڀارتي ۽ ٻين عالمي چينلز تي پاڪستان جي اسٽريٽجڪ موقف جو دفاع ڪرڻ لاءِ مشهور آهي. هن ڀارتي سياستدانن، بيوروڪريٽس، ۽ فوجي عملدارن سان ڪيترائي بحث ڪيا ۽ پاڪستان جو موقف مضبوط نموني سان پيش ڪيو. هن جون وائرل وڊيوز لکين ماڻهن تائين پهتيون آهن ۽ اڄ به مختلف چينلز تي ڏسي سگهجن ٿيون.
حسين ٿيٻو جي پروگرامز ۽ ڳالهين مان وطن سان محبت ۽ ان جي دفاع جو جذبو واضع نظر اچي ٿو. هن هر فورم تي جارحاڻي نموني سان پاڪستان جو دفاع ڪيو ۽ ملڪ لاءِ پنهنجون خدمتون پهرين ترجيح بڻايون.
ان موقعي تي ڊاڪٽر حسين ٿيٻو چيو مان آمريڪي يونيورسٽي جو ٿورائتو آهيان، جنهن مون کي هن اعزازي ڊگري سان نوازيو. حسين ٿيٻو کان ڊاڪٽر حسين ٿيٻو تائين جو سفر منهنجي لاءِ وڏي مڃتا آهي. مان پنهنجي سمورن دوستن، خاندان ۽ مينٽورز جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان، جن منهنجي حوصلا افزائي ۽ رهنمائي ڪئي.
0 تبصرے