English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گرلز ھاء اسڪول ڍورونارو ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي حوالي سان تقريب، شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪيا
views
|
18th Dec 2024
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) سنڌ جي ثقافت پنج ھزار سال پراڻي آھي . سنڌ ڌرتي صوفين ، ولين ، سنتن جي ڌرتي آھي جن ھميشه امن ۽ محبت جو درس ڏنو ، سنڌ جي ثقافت شاندار ماضي رکي ٿي . اسان کي انھي تي فخر آھي . اھڙن خيالن جو اظھار وائس چيئرمين ضلع ڪونسل عمرڪوٽ ميان پير محمد خالد حسين ولھاري گرلز ھاء اسڪول ڍورونارو شھر ۾ ايڪتا ڏھاڙي جي سلسلي ۾ منعقد ڪيل تقريب ۾ مھمان خاص جي حيثيت سان خطاب ڪندي ڪيو . ھن ھيڊمسٽريس مس فرحانه ۽ اسٽاف کي شاندار پروگرام منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد پيش ڪئي . انھي موقعي تي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڍورونارو حاجي نواب علي راڄڙ، وائس چيئرمين ھاٽي رام ميگھواڙ ، ڊپٽي ڊي او ايجوڪيشن سيڪنڊري عمرڪوٽ مير حسن آريسر ، پرنسپل ڊگري ڪاليج ڍورونارو مصطفا ڪمال وساڻ ، پرنسپل ھائير سيڪنڊري اسڪول ڍورونارو محمد عيدل ڪنڀر، مفتي امتياز راڄڙ، جان محمد جوڻيجو، صدر دين راڄڙ، جاويد ولھاري ، عرفان جي پوري ، رجب علي مغل ، عارف قريشي ، راڻا افضل ،شوڪت نھڙي ، رائوعامر،ء ٻيا پڻ موجود ھئا . مقررين پنھنجي خطاب ۾ نياڻين جي تعليم جي اھميت بيان ڪئي . انھي موقعي مھمانن پاران امتحانن ۾ پوزيشن حاصل ڪندڙ شاگردياڻين ڇايا مھر ، عائشه محمد بخش ، انشرا علي حسن ، انا عامر ، سرگم اشوڪ ڪمار ، لاريب عبدالرحمان ، زوھرا ، غزل پري سردار خان کي شيلڊ ء سرٽيفڪيٽ ورهايا . انھي موقعي تي پايل ، مانوب ، مسڪان سمون ، پايل ڪماري ، پرتڪشا، نازيا، ثناء ، فضا جاويد علي ، نشاء ، ماه نور صابرعلي ۽ ٻين پاران ٽيبلوز ء قومي گيتن تي رقص جو مظاھرو ڪري سامعين کان داد تحسين وصول ڪيو ويو .
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
عمرڪوٽ
0 تبصرے