شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور جي نيوز فوجداري ٿاڻي جي حد ڳوٺ جنو ۾ موبائيل فون تي ڳالھائڻ تان ٻه ناريون ڪاريون قرار ، 18 سالن جي انيلا ڀٽو کي سوٽن گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو مقتول ناري جو لاش پوليس پوسٽ مارٽم لاء سول اسپتال شڪارپور منتقل ڪيو ويو جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو قتل ٿيل ناري انيلا ڀٽو جو لاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو آخري اطلاعن تائين ڪيس داخل ٿي نه سگھيو
0 تبصرے