سجاول(رپورٽر.)سجاول جي علائقي مڙهو بولاخان جي رهواسين پوليو مهم جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو. پوليو ٽيمون واپس .علائقي جي ماڻهن پنھنجن سوين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارڻ کان کتو جواب ڏئي ڇڏيو. اتي جي رهاڪن الله بخش ڀٽو. حافظ نورمحمد خاصخيلي امام علي زرداري سلطان لغاري ۽ ٻين جو چوڻ آھي ته اسان جي علائقي ۾ ڪابه سھولت موجود ناهي. نه پيئڻ جو صاف پاڻي آهي ۽ نه ئي اسان جي علائقي جا روڊ ٺھيل آھن. اسان هن ترقي واري دور ۾ به بنيادي سهولتن کان محروم بڻيل آهيون. اسان ضلعي انتظاميه کي ڪيترا ئي مرتبا اپيلون ڪيون پر سکڻن واعدن کان سواء ڪجھ به نه مليو آهي. جيسين تائين اسان جا جائز مطالبا تسليم نٿا ڪيا وڃن تيسي تائين اسين پوليو مهم جو بائيڪاٽ جاري رکندا سين ۽ پنهنجي ٻارن کي پوليو جا ڦڙا نه پيارينداسين
0 تبصرے