لاڙڪاڻو(بيورو) جي يو آءِ اڳواڻ محبت علي کهڙو پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته شھيد علامه خالدمحمود سومرو جي قتل ڪيس ۾ عدالت مان انصاف جي اميد آھي، جيڪڏهن عدالت تي اثر انداز ٿي شھيد خالد محمود سومرو جي خون سان انصاف جي راھ ۾ رڪاوٽ وجھڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جو نتيجو تمام خراب نڪرندو، جي يو آءِ لاڙڪاڻي جي جنرل سيڪريٽري محبت علي کهڙو وڌيڪ چيو ته شھيد خالد محمود سومرو ھڪ بھادر ليڊر, سنڌ جو دودو ۽ ڌرتيء جو سگھارو آواز ھو، ھو دين سان گڏوگڏ ڌرتيء جو شھيد به آھي، جمعيت علماء اسلام جا لکين ڪارڪن ۽ شھيد جا جانثار موجود ھجڻ باوجود مولانا راشد محمود سومرو ۽ مولانا ناصر محمود سومرو سميت جي يوآء قيادت شھيد علامه خالد محمود سومرو جي شھادت واري ڏھاڙي کان وٺي مسلسل يارنھن سالن تان پرامن رھي صبر ۽ تحمل جو مظاھرو ڪري لکين ڪارڪنن کي قابوء ۾ رکي تاريخ رقم ڪئي ھن چيو ته انشاء الله 20 ڊسمبر جو ڏھاڙو شھيد جي قاتلن جي عبرتناڪ انجام جو ڏھاڙو ثابت ٿيندو.
0 تبصرے