شڪارپور (احسان ابڙو ) شڪارپور پوليس جون مختلف هنڌن تي ڪامياب ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار، 2 ڪاريون، 2 موٽرسائيڪلون ۽ گٽڪا مين پڙي هٿ، ڪيس داخل.ايس ايڇ او ٿاڻي لکي گيٽ طارق حسين کوسو عملي سان گڏ گهرن مان چوري جي ڪيس ۾ گهربل جوابدار نعيم عرف دودو ولد نظير احمد لھر کي گرفتار ڪري ورتو.ٻي ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻي لکي غلام شاه جهانگير خان چانڊيو عملي سميت مضرصحت گٽڪا جي ترسيل کي ناڪام بڻائيندي 04 جوابدارن کي گرفتار ڪري، جڏهن ته 06 پيڪٽن ۾ پيل گٽڪا هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آھي، وڌيڪ جاچ جاري آهي.گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ياسين ولد عبدالخالق، مرتضيٰ ولد ياسين، محمد ڄام ولد صدرارو ۽ نظير ولد محمد يعقوب طور ٿي آهي.ٽئين ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻي خانپور طفيل احمد احمداڻي اسٽاف سميت احسان لھر وٽان 10 ڏينهن اڳ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪ حوالي ڪري ڇڏي.چوٿين ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻي اسٽورٽ گنج خميسو خان بروهي پنهنجي اسٽاف سان گڏ عارف بنگلاڻي کان ڪار ۽ هڪ هفتو اڳ سراج کوکر کان چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري مالڪن جي حوالي ڪري ڇڏي.پنجين ڪارروائي ۾ ايس ايڇ او ٿاڻي ڊکڻ رياض علي سولنگي بروقت ڪارروائي ڪئي. 5 ڪلاڪ اڳ شهدادڪوٽ جي رهواسي مقبول احمد ولد خميسو خان سيال کان هٿياربندن يارِس ڪار ڦر ڪري فرار ٿي ويا هئا. ڊکڻ پوليس فوري طور تي ڦورن کي گھيري ۾ آڻي کين برآمد ڪرائي مالڪ جي حوالي ڪئي وئي.
0 تبصرے