نوشهروفيروز (ڊر) ڪائنات ۾ دینِ اسلام جي تبل نيغ جي لاءِ نبيء آخرالزمان حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وآله وسلم جن کي، جيتريون قربانیون پیش ڪرڻيون پيون ۽ جيڪا عظیم ۽ اڻٿڪ جدوجھد ڪرڻي پئي،ان کان وڌيڪ اولادِ رسول کي دینِ اسلام اُمت تائين پھچائڻ لاءِ جدوجھد ڪري پنھنجون ۽ پنھنجي اولاد جون جانيون به قربان ڪرڻيون پيون، انھن عظیم قربانین جي ئي نتیجي ۾ اسلام کي حیاتِ جاوداني عطا ٿي ۽ اسلام انھن ئي طیب و طاھر ھستین جي عظیم قربانین جو احسانمند آھي۔ اھڙن خیالن جو اظھار ڊسٽرڪٽ شيعه خطيب ۽ امامِ جمعه مسحد ابوالفضل العباس قدمگاه مولا علي عه، مولانا سید حیدر عباس زیدي، ذاڪرِ اھلِ بیت سید وسیم حیدر زیدي، سید عارض مھدي جعفري، زوار عبدالستار درس ۽ مولانا جبران غضنفر زیدي، جامعہ علوِیہ مَشارِع العُلوم ۾ زوار عبدالستار درس جي نئین تصنیف ”فِقہ مُحمدي“ جي رونمائيءَ واري تقریب کي خطاب ڪندي ڪيو۔ ھنن چيو ته دینِ محمدي جن حالتن مان گذري صدین جو سفر طئي ڪندي اسان تائين پھتو آھي،اڄ جي نوجوان نسل کي انھن حالتن کان آگاھي فراھم ڪرڻ اسان جي بنیادي ذميواري آھي۔ زوار عبدالستار درس هي ڪتاب تحریر ڪري دیني ذميواري کي پورو ڪرڻ وارو فرض سرانجام ڏنو آھي جيڪو لائقِ تحسین خدمت آھي۔ تقریب کي سید علي غضنفر شاہ جھانیان، سید محمد احمد جعفري، ظھیر مرزا، نیاز حسین لغاري، سید آفتاب جعفري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو۔ جڏهن ته مھمانن کي سھیل احمد پالاري، طاھر علي سومرو ۽ شاھنواز سولنگي اجرڪن جا تحفا پیش ڪيا ۽ سید محمد ذڪي شاہ جھانیان ۽ سید حسنین حیدر جعفري منقبت ۽ قصیدہ پڙھڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔
0 تبصرے