English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀينس ڪالوني ويجهو وين کي باهه، ٻارڙن ۽ عورتن سميت 10 ڄڻا سڙي زخمي
views
|
23rd Dec 2024
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني لڳ قومي شاهراهه تي مسافر وين کي باھ، چئن ٻارڙن ۽ 2 عورتن سميت 10 ڄڻا زخمي، جناح اسپتال منتقل، گيس وجهرائن بعد وين کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي، گئس سلنڊر به نه ڦاٽو باھ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي، پوليس، تفصيل موجب ڀينس ڪالوني لڳ قومي شاهراهه تي گذريل رات دير سان ٽنڊو محمد خان کان ڪراچي ايندڙ مسافر وين جيئن ئي گئس ڀرائي نڪتي ته اوچتو گاڏي کي ٻاهي وڪوڙي وئي جنهن دوران مسافرن ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا باھ دوران گاڏي مان لهندي لهندي 4 ٻارڙن ۽ ٻن عورتن سميت 5 ورهين جي يسره پيءُ منور علي، 10 ورهين جي تسبيحه پيءُ رفيق، 7ورهين جي غزره پيءُ دلبر، 2 ورهين جي سارہ پيءُ منور 25 ورهين جي ماريه 30 ورهين جي دنيا 50 ورهين جو عامر بخش پٽ عمر، 35 ورهين جو عثمان پٽ عمر، 18 ورهين جي حفيظ پٽ رفيق سميت 10 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي پيا جن کي فوري طور جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي ٻن ڄڻن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، ان موقعي تي رهاشي ٻڌايو تب گيس وجهرائن بعد وين کي اوچتو باھ وڪوڙي وئي ته مسافر باھ دوران وين مان لهندي زخمي ٿي پيا جڏهن ته باھ باوجود گئس سلنڊر نه ڦاٽو هو آخري اطلاعن تائين باھ جو سبب معلوم نه ٿي سگهيو پوليس موجب وين ۾ باھ لڳڻ بابت وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Nov 2025
•
پاکستان
عالمی حفاظتی ٹیکہ جات کا دن — صحت مند مستقبل کے لیے یکجا عزم
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
محمود خان اچکزئی: آئین پر حملہ پاکستان پر حملے کے مترادف
09th Nov 2025
•
تازہ ترین
پارلیمانی کمیٹی میں 27ویں آئینی ترمیم پر غور و مشاورت کا اجلاس جاری
09th Nov 2025
•
دلچسپ اور عجیب
فرانس میں شہری کو اپنے باغ سے 8 لاکھ ڈالر مالیت کا سونا مل گیا
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ٽنڊو الهيار: زرداري ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان مبينا طور زال قتل
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
ڪراچي ۾ ترقياتي ڪم صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ڪرائي سگهي ٿي: بشير رند
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مورو جي شھيد بينظير ڀٽو پارڪ جي سونھن وڌائڻ لاءِ ڪم جاري آهي: نظير ميمڻ
09th Nov 2025
•
سنڌي خبرون
مڪلي ۾ ڳوٺ صديق شورو واسي نوجوان جو مامي خلاف احتجاج
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Tags
ڀينس ڪالوني
گئس ڀرائڻ
ملير
0 تبصرے