اسلام آباد: فيڊرل گورنميٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي پاران ڪراچي ۾ پراپرٽيز جي شاندار نيلامي

21ڪمرشل پراپرٽيز جي نيلامي جي نتيجي ۾ 600 ملين رپين کان وڌيڪ رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو

اسلام آباد: فيڊرل گورنميٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي پاران ڪراچي ۾ پراپرٽيز جي شاندار نيلامي

اسلام آباد(م ڊ) فيڊرل گورنميٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي پاران گلزار هجري ڪراچي ڪمرشل پراپرٽيز جي 600 ملين کان وڌيڪ جو شاندار نيلام عام فيڊرل گورنمينٽ ايمپلائيز هائوسنگ اٿارٽي پاران سيڪٽر بي، 24 اسڪيم 33 گلزاري هجري ڪراچي ڪمرشل پراپرٽيز جو نيلام عام بقام پروفيسر سليم الزمان صديقي آڊيٽوريم آءِ سي سي بي ايس گيٽ نمبر 4، ڪراچي يونيورسٽي وٽ منعقد ڪيو ويو. جنهن ۾ وڏي انگ ۾ سيڙپڪارن حصو ورتو، ان نيلامي ۾ تقريبن 40 ڪمرشل پراپرٽيز نيلام جي لاءِ پيش ڪيون ويون، جنهن ۾ 21 ڪمرشل پراپرٽيز جي نيلامي جي نتيجي ۾ هائوسنگ اٿارٽي کي 600 ملين رپين کان وڌيڪ رڪارڊ روينيو حاصل ٿيو. جيڪو اٿارٽي جي تاريخ ۾ هڪ مثال آهي، نيلامي ٿيل پلاٽن ۾ سيڪٽر بي 24 اسڪيم 33 گلزار هجري ڪراچي ۾، 21 ڪمرشل دڪان ۽ 18 ڪمرشل پلاٽ به شامل هئا.ان موقعي تي چيئرمين آڪشن ڪميٽي جو چوڻ هو ته انويسٽرز جي اعتماد جي بحالي اداري ۽ ملڪي ترقي جي لاءِ سٺو سنئوڻ آهي، آڪشن ڪميٽي سمورن انويسٽرز کي مبارڪون ڏنيون ۽ کين ڀرپور تعاون ۽ هر ممڪن سهولت جي خاطري ڪرائي.