سنڌي فلمن، ڊرامن، اسٽيج ۽ ريڊيو جي صداڪار ۽ ليکڪ رشيد صابر کي اسان کان وڇڙي 12 سال جو عرصو گذري ويو. رشيد صابر جو اصل نالو عبدالرشيد هو. رشيد صابر 10 جنوري 1945ع تي جاتي جي ڳوٺ“مڻڪي”۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو عبدالله مينڌرو هو.
رَشيد صَابر جو تعلق مذهبي گهراڻي سان هو. هن شروعاتي تعليم ڳوٺ جي مدرسي“الفيض”مان حاصل ڪئي. رشيد صابر جي گھراڻي مان وڏا عالم ۽ فاضل پيدا ٿيا. ابتدائي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ، هن حيدرآباد جي اورنٽيئل ڪاليج مان اديب فاضل (مولوي فاضل) جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ ٽور محمد هائي اسڪول حيدرآباد ۾ عربي ٽيچر جي ملازمت اختيار ڪئي. رشيد صابر کي“صابر”جو تخلص مولانا غلام محمد گراميءَ جَن ڏنو ۽ سموري حياتي هُن ان تخلص کي پنهنجي سڃاڻپ بڻائي رکيو رشيد صابر کي سنڌي، اردو، عربي ۽ فارسي ٻولين تي عُبور حاصل هو.
رشيد صابر ريڊيو پاڪستان لاءِ 1965ع واري پاڪ، ڀارت لڳندڙ جنگ کان پوءِ جڏهن جنگي قيدي واپس ٿيا ته انهن لاءِ“نيٺ ته ڦٽندي باک”نالي يادگار ڊرامو لکيو. هن ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد لاءِ تقريبن 300 ڊراما لکيا. ان کان سواءِ ڪيترائي مذهبي پروگرام ۽ لاتعداد ڊاڪيومينٽريز لکيون. مزاحيا پروگرام“گلدستو”جو اسڪرپٽ به رشيد صابر تحرير ڪندو هو. رشيد صابر کي ريڊيو پاڪستان پاران بهترين رائيٽر جو ايوارڊ 2002/2001 ۾ مليو.
رشيد صابر پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي پروگرام ۽ ڊراما لکيا جن ۾ ساحل سَي دُور (اردو ۽ سنڌي) شڪست اونداهيءَ ۾ لاٽ، ڪنهن ڪنهن ماڻهو منجهه، اَيڪ ٿي ميرو، دوسري عورت، دير نه هو جائي، دَشت، آڏي پُڇا، تماشو هڪ ڪنوار جو سوال آهي، آيا اڱڻ عَجيب، شادي شان واري، ڪشمڪش، ڪُونج، آئينو، هَوا محل، مايا سندي موهه، اعتماد، مارئي جهڙا مشهور ڊراما شامل آهن ۽ انهن ڊرامن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر پڻ ڏيکاريا جيڪي سندس سڃاڻپ بڻيا، انهن کان سواءِ پاڪستان ٽيليويزن لاءِ معلوماتي پروگرام پڻ لکيا جن ۾ واءُ سواءُ، حال احوال، پرک ۽ وينجهار شامل آهن.
رشيد صابر ڪيترائي اسٽيج ڊراما لکيا ۽ ڪيترن ڊرامن ۾ پاڻ به ڪم ڪيو، هن پنهنجي ٽيم سان گڏجي اسلام آباد، ڪراچي، حيدرآباد، جيڪب آباد، بدين، سيوهڻ شريف ۽ سنڌ جي ٻين ڪيترن ئي مختلف شهرن ۾ اسٽيج ڊراما ڪيا. هن ڪراچيءَ ۾ سنڌي اسٽيج ڊرامي کي ترقي ڏياري ۽ ڪيترائي مشهور اسٽيج ڊراما ڪيا جن ۾ شادي شان واري، گهوٽ اَڻ موٽ، شادي يا تعدي، مِڪس پليٽ، ايک انار دو بيمار، جاني نه پائي (اردو) سُپر سنگيت 84 شامل آهن.
رشيد صابر 1980ع کان سنڌي فلمن جون ڪهاڻيون ۽ مڪالما تحرير ڪيا جن ۾ گهاتو گهر نه آيا، ڦل ماڇي، سُورمي سنڌ جي، برسات جي رات، جانُو ڌاڙيل، سُهڻا سائين، هو جمالو، طُوفان، مهراڻ جا موتي، ٽي قيدي، ميراڻي جمالي، اردو فلم سهاري ۽ آخري گولي شامل آهن ۽ انهن ۾ ڪردار پڻ ادا ڪيا.
رشيد صابر جي وفات کان پوءِ“3”ڪتاب“مولوي عبدالرشيد مينڌري کان رشيد صابر تائين”“رشيد صابر جا چونڊ ريڊيو ڊراما” ”۽ TV ڊراما شايع ٿي چُڪا آهن.
سائين رشيد صابر هڪ خوش طبيعت ۽ شفيق انسان هو. رشيد صابر محبت جو مُجسمو سادگيءَ ۽ سچائيءَ وارو انسان هو. رشيد صابر سنڌي ڊرامي سان والهانه عشق رکندڙ ۽ ان جي اوسر ۽ واڌاري لاءِ پاڻ پتوڙيندڙ هڪ ساده صفت ۽ مُخلص شخص حقيقت ۾ پيشي جي لحاظ کان ديني مُعلم هو. پر پوءِ وابستگي اسٽيج، ريڊيو، فلم ۽ ٽيليويزن سان ٿي تنهن کيس منفرد شخصيت بڻائي ڇڏيو، صداڪار، اداڪار، ناٽڪ/ ڊراما نويس ۽ هدايتڪار رشيد صابر پنهنجي فن ۾ ڏانءُ رکندو هو. سنڌي ليکڪن، اداڪارن ۽ استادن ۾ سائين رشيد صابر جو نالو نمايان آهي. سائين جن سان زندگيءَ جون گڏ گذاريل گهڙيون ياد آهن ۽ هميشه رهنديون.
0 تبصرے