ابراهيم حيدري ۾ صحافي شهنشاهه چارڻ جي امڙ ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ مجيد موٽاڻي جو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويا

صحافي شهنشاهه چارڻ جي امڙ جي جنازي نماز چارڻ پاڙي ۽ مجيد موٽاڻي جي ڀاءُ جي موٽاڻي پاڙي ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي

ابراهيم حيدري ۾ صحافي شهنشاهه چارڻ جي امڙ ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ مجيد موٽاڻي جو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويا

ملير (عبدالرشيد مورجھريو)ابراھيم حيدري ۾ مقامي صحافي جي امڙ ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ جو وڏو ڀاءُ لاڏاڻو ڪري ويا، جنازي نماز ۾ علائقي واسين ۽ معززين جي وڏي تعداد ۾ شرڪت فوتين کي ابراهيم حيدري قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو تفصيل موجب ابراهيم حيدري جي مقامي صحافي شهنشاهه چارڻ جي امڙ ۽ فشر فوڪ فورم جي اڳواڻ مجيد موٽاڻي جو وڏو ڀاءُ حاجي محمد موٽاڻي لاڏاڻو ڪري ويا، سندن جنازي نمازون چارڻ پاڙي ۽ موٽاڻي پاڙي ۾ ادا ڪيون ويون جنهن ۾ علائقي واسين ۽ معززين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي فوتين کي ابراهيم حيدري قبرستان ۾ دفنايو ويو جڏهن ته علائقي جي معززن سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پاران فوتين جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو جاري آهي