صوبائي وزير سيد رياض حسين شاهه شيرازي جي صدارت هيٺ ورسي جي حوالي سان گڏجاڻي ٿي
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي)الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ۽ الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي جي چوٿين ورسي تقريب ملھائڻ جي سلسلي ۾ ھڪ اھم گڏجاڻي شيرازي ھائوس ٺٽي تي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنھن ۾ پاڳارو سيد اسماعيل شاھ شيرازي، اڳوڻي ايم پي اي سيد امتياز شاھ شيرازي، سيد سڪندر شاھ شيرازي، سيد تنوير حيدر شاھ شيرازي، ميونسپل ڪميٽي ٺٽي جي چيئرمين ادا محمد ميمڻ، حاجي محمد حنيف ميمڻ، صوفي علي دوست مسڻ سميت ٺٽي ۽ سجاول ضلعن جي ھزارين ماڻھن شرڪت ڪئي، گڏجاڻي کي خطاب ڪندي صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ سندس والد بزرگ الحاج سيد اعجاز علي شاھ شيرازي ۽ سندس ڏاڏي الحاج سيد قادر ڏنو شاھ شيرازي جي چوٿين ورسي تقريب 10 ڊسمبر تي شيرازي ھائوس ٺٽي تي نھايت عقيدت ۽ احترام سان ملھائي پئي وڃي، عوام کي گھرجي تہ ھن ورسي تقريب ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪري سيد اعجاز علي شاھ شيرازي کي خراج عقيدت پيش ڪن. صوبائي وزير سيد رياض حسين شاھ شيرازي چيو تہ ھو پنھنجي وڏڙن جي نقش قدم تي ھلندي انھن جي ڇڏيل عوامي خدمت واري مشن کي جيستائين ساھ ساٿ ڏنو ان کي نڀائيندو رھندس، ھن چيو تہ 4 سال ڪيئن گذري ويا، وقت گذرڻ جي خبر ئي ناھي پئي سگھي، ھن چيو تہ کانئن پنھنجو والد الحاج سيد اعجاز علي شاھ ھڪ پل بہ وسري ناھي سگھيو، الله پاڪ کان دعا آھي تہ کيس جنت الفردوس ۾ جڳھ عطا فرمائي، ان موقعي تي آيل سمورن ماڻھن کيس يقين ڏياريون تہ ھو ورسي تقريب ۾ ڀرپور نموني شرڪت ڪندا، ان موقعي تي عشر زڪوات ڪميٽي ضلعي ٺٽي جو چيئرمين حاجي عبدالڪريم شورو، منصور قادر لاشاري، سيد دائم شاھ، صوفي علي دوست مسڻ، حاجي سومار گندرو، محمد خان ملاح، شمن گندرو، احمد خان پالاري، ھاشم سولنگي، الھبچايو چانگ، الھجڙيو برفت، عبدالرزاق ڪلمتي بلوڇ، سيد شوقي شاھ ۽ ٻيا پڻ موجود ھئا.
0 تبصرے