لاڙڪاڻو (بيورو) شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر ڦاٽڪ تي سيلون تي ويٺل اڌڙوٽ شخص هٿياربندن جي فائرنگ ۾ موقعي تي مارجي ويو اهڙو اطلاع علائقي واسين حد جي پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي تفصيل وٺي لاش کڻائي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو ان حوالي سان حد جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته مارجي ويل شخص جي سڃاڻپ ڳوٺ گهرام جيهو واسي حسن جيهو طور ٿي آهي جيڪو نظر محلا جو چوڪيدار هو جيڪو سيلون تي وار ٺهرائڻ لاءِ آيو جنهن کي هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي پوليس جو وڌيڪ چوڻ هو ته شاهديون گڏ ڪري مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي جلد حقيقتون سامهون اچي وينديون ٻئي طرف ذريعن کان مليل ڄاڻ موجب ته حسن جيهو کي ذاتي دشمني تان قتل ڪيو ويو آهي
0 تبصرے