عبدالرسول سولنگي ڏنڊا ھڻي پنھنجي زال فاطمه سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو
ميھڙ (رپورٽر) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ٻيٽو روڊ اٽڪ پيٽرول پمپ ڀرسان ڪالوني ۾ ظالم مڙس عبدالرسول سولنگي ڏنڊا ھڻي بيدردي سان پنھنجي زال 5 ٻارن جي امڙ فاطمه سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو ، عورت جي پٽ محمد رمضان سولنگي ٻڌايو ته گذريل رات بابا عبدالرسول سولنگي ھو ڪاوڙ ۾ اچي اسان جي امڙ مسمات فاطمه سولنگي کي بيگناه گھر ڀاتين سامھون سخت تشدد ڪري ڏنڊا ھڻي مرڻينگ ڪري پاڻ فرار ٿي ويو زخمي عورت کي تعلقي اسپتال بعد لاڙڪاڻو اسپتال پھچايو ھو جتي ھو فوت ٿي وئي عورت جي ڀاء محمد حسن سولنگي ٻڌايو ته جوابدار عبدالرسول سولنگي جو دماغي توازن صحيح نه آھي ھن ڏنڊا ھڻي تشدد ڪري اسان جي ڀيڻ کي قتل ڪيو. ھوڏانھن واقعي جي اطلاع بعد ايس ايڇ او اي سيڪشن اڪبر چنه پھچي واقعي بابت تفصيل معلوم ڪيا اي سيڪشن پوليس موجب عورت جي قتل جو اطلاع مليو آھي پوليس لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪري رھي آھي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد واقعي جي وڌيڪ جانچ ڪري رھيا آھيون ھوڏانھن تعلقي اسپتال جي ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب تہ گذريل ڏينھن زخمي عورت کي اسپتال آندو ويو ھو جنھن کي ٻنھي ٽنگن ۾ ڏنڊن جا ڌڪ ۽ تشدد جا نشان نظر آيا ھئا جنھن کي وڌيڪ اعلاج لاء لاڙڪاڻو اسپتال منتقل ڪيو ھو فوتي عورت جي پوسٽ مارٽم ڪرڻ ۽ ان جي رپورٽ اچڻ بعد ئي وڌيڪ ڪجھ ٻڌائي سگھجي ٿو
0 تبصرے