سومر جي رات اچانڪ پرنٽ ميڊيا ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ خبرون اچڻ شروع ٿي ويون تہ ڏکڻ ڪوريا ۾ مارشل لا لڳي ويو آهي، خبر حيران ڪندڙ هئي ڇو تہ ڏکڻ ڪوريا ۾ نہ ئي اهڙو ڪو مسئلو يا سياسي بحران ٻڌڻ ۾ پئي آيو،تنهنڪري اها خبر حيران ڪندڙ هئي. ڏکڻ ڪوريا جي صدر يون سوڪ يول اچانڪ ٽي وي تي اچي مارشل لا جو اعلان ڪيو. اعلان ڪرڻ جي ڪجھ ئي گهڙين ۾ هزارين مظاهرين پارليامينٽ آڏو اچي گڏ ٿيا ۽ پارليامينٽ ميمبر پارليامينٽ ۾ پهچڻ شروع ٿي ويا ۽ ايمرجنسي ووٽ ڏيڻ شروع ڪيو. تنهن کانپوءِ وري حيران ڪندڙ ڳالھ اها ٿي تہ صدر وري مارشل لا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو. عالمي ميڊيا مطابق تہ ڏکڻ ڪوريا جي صدر کي اپوزيشن طرفان سخت مخالفت ۽ پنهنجي ساک بچائڻ لاءِ اهڙو قدم کنيو. مارشل لا جي فورن ئي بعد پارليامينٽ ٻاهران فوج ۽ پوليس گڏ ٿي وئي ايتريقدر جو پارليامينٽ جي ڇت جي مٿان هيليڪاپٽر لهڻ شروع ٿي ويا. ڏکڻ ڪوريا جي مقامي ميڊيا اهي وڊيوز لڳاتار براہ راست ڏيکاريندو رهيو تہ ڪيئن پوليس جا اهلڪار ۽ فوج پارليامينٽ ۾ داخل ٿيا. ڪجھ ئي ڪلاڪن کانپوءِ ميڊيا تي بہ پابندي لڳائي وئي. پر اتان جي پارليامينٽ جي ميمبرن ۽ سياسي اڳواڻن اڻهي قدم کي انتهائي قدم کڻڻ ۽ غلط قرار ڏنو.
ملڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ جي اڳواڻ لي جائي ميونگ ميمبرن کي پارليامينٽ اچڻ ۽ ماڻهن کي پارليامينٽ ٻاهران گڏ ٿيڻ لاءِ چوندو رهيو. هن ٽيليويزن تي اعلان ڪيو تہ بڪتربند گاڏيون، هٿيارن سان فوج ۽ وردي پاتل اسان تي حڪومت ڪندا انڪري جلدي نڪرو همت ڪيو ٻاهر پهچو. ماڻهن جا هجوم گڏ ٿيا ۽ اهي نعرا گونجڻ لڳا جمهوريت بچايو، فوج نامنظور، مارشل لا نامنظور. رات جو تقريبن مقامي وقت مطابق تقريبن هڪ وڳي ٽي سئو مان هڪ سئو نوي پارليامينٽ جا ميمبر اندر پارليامينٽ هائوس ۾ پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا ۽ انهن مارشل لا خلاف ووٽ ڏنو ۽ آخر ڪار ڏکڻ ڪوريا جو مارشل لا ناڪام ٿي ويو.
ڏکڻ ڪوريا ۾ آخري مارشل لا 1979ع ۾ لاڳو ڪيو ويو هو. اهو مارشل لا فوجي آمر پارڪ چنگ جي قتل کانپوءِ ختم ٿيو ۽ 1979 ع ۾ هڪ جمهوري حڪومت قائم ڪئي وئي. ڏکڻ ڪوريا جي قانون جي مطابق مارشل لا جي دوران فوج کي غير معمولي اختيار ڏنا ويندا آهن ۽ ميڊيا تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي آهي،سياسي ۽ سماجي اجلاسن تي پابندي لاڳو ڪئي ويندي آهي ۽ عوام کان احتجاج جو حق پڻ کسيو ويندو آهي.ڏکڻ ڪوريا جو اهو مارشل لا تقريبن ڇھ ڪلاڪ هليو
جنهن ڏکڻ ڪوريا سان گڏ پوري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو. ڏکڻ ڪوريا جي اهڙي قدم جي ڪري انهي ملڪ تي ڪافي آڱريون کڄي رهيون آهن ۽ ڪافي ملڪ انهي قدم کي سٺو سئنوڻ نہ پيا سمجهن، تجزياڪارن مطابق انهئ قدم ڪري سياسي ۽ معاشي طور ڏکڻ ڪوريا تي فرق پئجي سگهي.
0 تبصرے