نوجوان پورھيت جو قتل واقعو لاقانونيت ۽ بربريت آھي، قتل ۾ غير قانوني افغاني ملوث آھن: اياز لطيف پليجو
حيدرآباد(بيورو) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي ڪراچي ۾ پورھيت جا زاھد ميراڻي جي قتل واقعي جي مذمت ڪندي جوابدارن جي فوري گرفتاري جو مطالبو ڪيو آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ نوجوان پورھيت جو قتل واقعو لاقانونيت ۽ بربريت آھي. قتل ۾ غير قانوني افغاني ملوث آھن. غير قانوني افغاني ڏوھن ۽ غير قانوني ڪمن ۾ ملوث آھن. سپريم ڪورٽ افغانين کي نيڪالي ڏيڻ جا حڪم ڏئي چڪي آھي، افسوس آھي جو سنڌ حڪومت غير قانوني افغانين کي نيڪالي نہ ڏئي سگھي آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ ڪراچي سميت وڏن شھرن ۾ لکين غير قانوني افغاني پکڙيل آھن، سنڌ حڪومت غير قانوني پرڏيهين سان رعايت ڪرڻ بدران انھن جي فوري نيڪالي جو بندوبست ڪري.پورھيت زاھد ميراڻي جا قاتل فوري طور گرفتار ڪري جيل موڪليا وڃن. قاتلن سان ڪنھن بہ ريت رعايت نہ ڪئي وڃي. قاتلن کي گرفتار نہ ڪيو ويو تہ اھي ڪنھن ٻي ماڻھو کي قتل ڪندا. انڪري قاتلن جي انجام تي پھچايو وڃي.
0 تبصرے